YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 13

13
1انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛ 2ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو. 3۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن شريعت ٻڌي، تڏهن انهن انهي مليل جليل قوم کي اسرائيل کان ڌار ڪيو.
4هاڻي هن کان اڳي، الياسب ڪاهن، جو خدا جي گهر جي ڪوٺين تي مقرر هو، تنهن طوبياہ جو مائٽ هئڻ ڪري، 5سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون. 6پر اُهو سڄو وقت آءٌ يروشلم ۾ نہ هوس: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي ٻٽيهين سال ۾ آءٌ انهيءَ بادشاهہ وٽ موٽي ويس، ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بادشاهہ کان موڪل گهريم: 7پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾ طوبياہ لاءِ ڪوٺي تيار ڪرڻ سان جيڪا خرابي الياسب ڪئي هئي سا معلوم ڪيم. 8۽ انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو رنج ٿيس: ۽ طوبياہ جو جيڪو گهرو سامان هو، سو ڪوٺيءَ مان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيم. 9پوءِ منهنجي حڪم موجب هنن ڪوٺيون صاف ڪيون: ۽ اتي وري مون خدا جي گهر جا باسڻ، کاڌي جي قربانين ۽ لوبان سميت آڻي رکيا. 10۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا. 11تڏهن آءٌ حاڪمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳس، ۽ چيومان تہ ڇو خداوند جو گهر ڇڏي ڏنو ويو آهي؟ ۽ مون انهن ماڻهن کي گڏ ڪري سندن جاءِ تي ويهاريو. 12پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي. 13۽ انهن خزانن تي مون سلمياہ ڪاهن، ۽ صدوق محرر، ۽ لاوين مان فداياہ کي خزانچي مقرر ڪيو: ۽ انهن کانپوءِ حنان بن زڪور، بن متنياہ کي مقرر ڪيم: ڇالاءِ جو اُهي ايماندار شمار ڪيل هئا، ۽ انهن جو ڪم هو تہ پنهنجن ڀائرن کي حصا ورهائي ڏين. 14اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.
15انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو. 16انهيءَ ۾ صور جا ماڻهو بہ رهندا هئا، جي مڇي، ۽ ٻيو هر قسم جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني يهوداہ کي، يروشلم ۾ وڪڻندا هئا. 17تڏهن مون يهوداہ جي اميرن سان تڪرار ڪيو، ۽ چيومان تہ اوهين هي ڪهڙو خراب ڪم ٿا ڪريو، جو سبت جو ڏينهن پليت ٿا ڪريو؟ 18اوهان جي ابن ڏاڏن ڪين ائين ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي هيءَ سڀ خرابي آندي؟ اڃا بہ سبت جي ڏينهن پليت ڪرڻ سان اوهين اسرائيل تي وڌيڪ ڪاوڙ ٿا آڻيو. 19۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي. 20انهيءَ ڪري هر قسم جي سامان جا سوداگر ۽ وڪري ڪندڙ هڪڙو يا ٻہ ڀيرا يروشلم جي ٻاهران رات رهي پيا. 21تڏهن مون هنن کي عتاب ڏيئي چيو تہ ڀت جي آس پاس ڇو ٿا رات رهو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ اوهان کي پڪڙيندس. انهيءَ وقت کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا. 22۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.
23انهن ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا، جن اشدود ۽ عمون، ۽ موآب جون زالون پرڻيون هيون: 24۽ انهن جا ٻار اڌ اشدودي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ يهودين جي ٻولي ڳالهائي نہ سگهندا هئا، پر هرڪا قوم پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي هئي. 25۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو. 26اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو. 27تڏهن اسين اوهان جي ڳالهہ مڃي هيءَ سڀ کان وڏي خرابي ڪريون ڇا، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي خدا جو گناهہ ڪريون ڇا؟ 28يويدع بن الياسب سردار ڪاهن جي پٽن مان هڪڙو سنبلط حورونيءَ جو ناٺي هو: تنهنڪري مون هن کي پاڻ وٽان هڪلي ڪڍيو. 29اي منهنجا خدا، انهن جي يادگيري ڪج، ڇالاءِ جو انهن ڪهانت کي، ۽ ڪاهنن جي، ۽ لاوين جي عهد اقرار کي ناپاڪ ڪيو آهي. 30انهيءَ طرح مون هنن کي سڀني غير قومن کان پاڪ ڪيو، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين مان هر ڪنهن جي لاءِ فرض، ۽ ڪم مقرر ڪري ڇڏيم؛ 31۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.

Currently Selected:

نحمياہ 13: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in