آستر 1
1
1هاڻي اخسويرس (هي اهو اخسويرس آهي جنهن هندوستان کان وٺي ڪوش تائين هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪئي) تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو: 2تہ جڏهن انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اخسويرس پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جو سوسن جي محلات ۾ هو، 3تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا: 4تڏهن هن گهڻن ڏينهن تائين، يعني هڪ سؤ اسي ڏينهن تائين، وڏي بادشاهت جي دولت، ۽ پنهنجي وڏي عظمت ۽ عزت پئي ڏيکاري. 5جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن جيڪي ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، سوسن جي محلات ۾ حاضر هئا، تن جي بادشاهہ جي محلات جي باغ جي ايوان ۾ هن ستن ڏينهن تائين مهماني ڪئي؛ 6اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا. 7۽ انهن کي سونن باسڻن ۾ (جي باسڻ هڪ ٻئي کان علحدي قسم جا هئا) ٿي پياريائون؛ ۽ شاهي شراب، بادشاهہ جي سخاوت موجب، بي انداز هو. 8۽ اُهو پيئڻ بہ قاعدي موجب هو؛ ڪوبہ زور ڪري نہ ٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ پنهنجي گهر جي سڀني عملدارن کي اهڙو حڪم ڏنو هو تہ سڀ ڪم هر ڪنهن ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪن. 9ساڳيءَ طرح راڻي وشتي، جيڪو شاهي گهر بادشاهہ اخسويرس جو هو، تنهن ۾ زالن جي مهماني ڪئي. 10ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا، 11تہ راڻيءَ وشتيءَ کي شاهي تاج سان وٺي اچو، تہ عام ماڻهن کي، ۽ اميرن کي پنهنجو حسن ڏيکاري، ڇالاءِ جو اُها خوبصورت هئي. 12پر راڻيءَ وشتيءَ بادشاهہ جي حڪم تي ناظرن سان اچڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ڪاوڙ منجهس ڏاڍي جوش واري ٿيڻ لڳي. 13تڏهن بادشاهہ انهن ڏاهن ماڻهن کي چيو، جي وقت کي سڃاڻندا هئا، (ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو قاعدو ۽ حڪم ڄاڻندا هئا، تن سان بادشاهہ جي هلت اهڙي ئي هوندي هئي؛ 14۽ جن جو بادشاهہ کان ٻيو درجو هو، ۽ ڪارشينا، ستار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان، جي فارس ۽ مادي جا ست امير، جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، ۽ بادشاهت ۾ اول درجي تي ويهندا هئا:) 15تہ اسين راڻيءَ وشتيءَ سان قاعدي موجب ڇا ڪريون، ڇالاءِ جو هن بادشاهہ اخسويرس جو حڪم ناظرن جي وسيلي، بجاءِ نہ آندو آهي؟ 16تڏهن مموڪان بادشاهہ جي ۽ اميرن جي اڳيان ورندي ڏيئي چيو تہ راڻيءَ وشتيءَ نہ رڳو بادشاهہ جو قصور ڪيو آهي، پر سڀني اميرن جو ۽ سڀني ماڻهن جو بہ، جي بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن. 17ڇالاءِ جو راڻيءَ جي انهي ڪم جي خبر سڀني زالن کي پوندي، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جا مڙس سندن نظر ۾ حقارت جهڙا ٿيندا، ۽ انهيءَ وقت ائين چوڻ ۾ ايندو تہ جڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻيءَ وشتيءَ کي حڪم ڏنو تہ سندس اڳيان اچي، تڏهن هوءَ نہ آئي. 18۽ اڄوڪي ڏينهن فارس ۽ مادي جي جن اميرزادين راڻيءَ جي انهيءَ ڪم جي ڳالهہ ٻڌي آهي، سي بادشاهہ جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري گهڻي نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيندي. 19جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي. 20۽ جڏهن بادشاهہ جو اهو جاري ڪيل حڪم سندس سڄيءَ بادشاهت ۾ پڌرو ڪيو ويندو (ڇالاءِ جو اُها بادشاهت وڏي آهي) تڏهن سڀ زالون پنهنجن مڙسن کي عزت ڏينديون، وڏيون توڙي ننڍيون. 21۽ اها ڳالهہ بادشاهہ ۽ اميرن کي پسند آئي؛ ۽ بادشاهہ، مموڪان جي چوڻ موجب ڪيو: 22ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.
Currently Selected:
آستر 1: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.