YouVersion Logo
Search Icon

آستر 2

2
1انهن ڳالهين کانپوءِ جڏهن بادشاهہ اخسويرس جي ڪاوڙ جهَڪي ٿي، تڏهن هن کي وشتي ياد پيئي، ۽ جيڪي ڪيو هئائين، ۽ جيڪو حڪم سندس برخلاف جاري ڪيو ويو هو سو بہ. 2تڏهن بادشاهہ جا نوڪر، جي سندس خدمت ڪندا هئا، تن چيو تہ بادشاهہ جي لاءِ خوبصورت جوان ڪنواريون زالون ڳولجن: 3۽ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ عملدار مقرر ڪري تہ اُهي سڀ خوبصورت جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن محلات ۾، ۽ زالن واري گهر ۾، آڻي گڏ ڪن، ۽ بادشاهہ جي ناظر ۽ زالن جي نگهبان هيجا جي حوالي ڪن؛ ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ کين شيون ڏنيون وڃن: 4۽ جيڪا جوان زال بادشاهہ کي وڻي، سا وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي ٿئي. ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ کي پسند آئي؛ ۽ ائين ئي ڪيائين.
5سوسن جي محلات ۾ هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي بن يائر، بن سمعي، بن قيس هو؛ ۽ هو بنيمين جو هو؛ 6جو يروشلم مان انهن قيدين سان گڏ کڄي ويو هو، جي يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ سان کڄي ويا هئا، جنهن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو هو. 7۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو. 8پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ جو حڪم ۽ جاري ٿيل فرمان ماڻهن ٻڌو، ۽ جڏهن گهڻيون ئي ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي محلات ۾ اچي گڏ ٿيون، ۽ هيجا جي حوالي ٿيون، تڏهن آستر بہ بادشاهہ جي گهر ۾، زالن جي سنڀاليندڙ هيجا جي حوالي ڪئي ويئي. 9۽ اها ڇوڪري هن کي وڻي ۽ هو مٿس مهربان ٿيو؛ ۽ سگهو ئي هن کي سندس شيون پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنائين، ۽ سندس ڏاج بہ، ۽ ست سهيليون بہ، جي بادشاهہ جي گهر مان هن کي ڏيڻ جي لائق هيون: ۽ هن انهيءَ کي، ۽ اُن جي سهيلين کي زنانخاني جي سڀ کان سٺي جاءِ ۾ آندو. 10آستر پنهنجي قوم، ۽ پنهنجي مٽي مائٽي ظاهر نہ ڪئي هئي: ڇالاءِ جو مردڪئيءَ تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس تہ اُها ظاهر نہ ڪج. 11۽ مردڪئي هر روز زنانخاني جي ايوان اڳيان پيو ايندو ويندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي، ۽ سندس ڪهڙو حال ٿو ٿئي. 12هاڻي جڏهن سڀ ڪنهن ڇوڪريءَ جو وارو بادشاهہ اخسويرس وٽ اندر وڃڻ جو آيو، جنهن کان اڳي زالن جي قاعدي موجب ٻارهن مهينن تائين هن سان جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪيو ويو، (ڇالاءِ جو زالن جي پاڪ ڪرڻ جا ڏينهن هن طرح پورا ٿيندا هئا، يعني ڇهہ مهينا مر جي تيل سان، ۽ ڇهہ مهينا چڱين خوشبوين ۽ زالن جي پاڪ ڪرڻ وارين شين سان)، 13تڏهن ڇوڪري بادشاهہ وٽ هن طرح ايندي هئي، تہ جيڪي گهرندي هئي، تہ زنانخاني مان بادشاهہ جي گهر تائين وڃڻ لاءِ کيس ملي، سو کيس ڏنو ويندو هو. 14شام جو هوءَ ويندي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ٻئي زنانخاني ۾ موٽي اچي شعشجز جي حوالي ڪئي ويندي هئي، جو بادشاهہ جو ناظر هو، ۽ سريتن جي نگهباني ڪندو هو: هوءَ وري ٻيو ڀيرو بادشاهہ وٽ نہ ايندي هئي، سواءِ ان جي تہ اُها بادشاهہ کي پسند اچي، ۽ اُهو نالي سان کيس وري گهرائي. 15هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي. 16نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا. 17۽ بادشاهہ آستر کي ٻين سڀني زالن کان زيادہ پيار ڪيو، ۽ ٻين سڀني ڪنوارين زالن کان هن بادشاهہ جي نظر ۾ وڌيڪ مانُ ۽ شانُ لڌو؛ ايتري قدر جو هن شاهي ڇٽ کڻي سندس مٿي تي رکيو، ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي کڻي راڻي ڪيائين. 18پوءِ بادشاهہ پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي هڪڙي وڏي مهماني ڪئي، يعني آستر جي مهماني؛ ۽ پرڳڻن کي ڍل جي معافي ڏنائين ۽ پنهنجي سخاوت موجب انعام ڏنائين. 19۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ڪنواريون زالون گڏ ٿيون، تڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو. 20آستر اڃا تائين پنهنجي مٽي مائٽي ۽ قوم ظاهر نہ ڪئي هئي؛ جيئن ڪ مردڪئي تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس: ڇالاءِ جو آستر مردڪئيءَ جو اڃا بہ اهڙو چيو مڃيندي هئي، جهڙو اڳي مڃيندي هئي، جڏهن وٽس پلي هئي. 21انهن ڏينهن ۾، جڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو، تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتان ۽ ترش، جي دروازي جي نگهبانن مان هئا، سي ڪاوڙيا، ۽ ارادو ڪيائون تہ بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪن. 22پر اها ڳالهہ مردڪئيءَ کي معلوم ٿي ويئي، جنهن وڃي راڻي آستر کي اُها ٻڌائي؛ ۽ آستر انهيءَ بابت مردڪئي جي نالي سان بادشاهہ کي خبر ڏني. 23۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.

Currently Selected:

آستر 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in