انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛ ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.