نحمياہ 1
1
1نحمياہ بن حڪلياہ جو ڪلام.
ويهين ورهيہ جي ڪسليو واري مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن آءٌ سوسن واري محلات ۾ هوس، 2تڏهن منهنجن ڀائرن مان حناني نالي هڪڙو ماڻهو ڪن ماڻهن سان يهوداہ مان آيو؛ ۽ مون انهن کان انهن يهودين بابت پڇا ڪئي، جي بچي نڪتا هئا، يعني قيد ٿيڻ کان بچيا هئا؛ ۽ يروشلم بابت بہ پڇا ڪئي. 3۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن. 4۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن ويهي روئڻ لڳس، ۽ ڪي ڏينهن پئي ماتم ڪيم، ۽ آسمان جي خدا جي اڳيان دعا گهريم. 5۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ: 6هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي. 7اسان تنهنجي برخلاف تمام خراب هلت ڪئي آهي، ۽ جيڪي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ فيصلا، تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي ڏنا هئا، سي بجاءِ نہ آندا اٿئون. 8آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ڪيو هو سو ياد رک، ۽ تو چيو هو تہ جي اوهين گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس: 9پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي. 10هاڻي اهي تنهنجا ٻانها، ۽ تنهنجي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت، ۽ پنهنجي مضبوط هٿ سان ڇڏايو آهي. 11اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)
Currently Selected:
نحمياہ 1: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.