عزرا 10
10
1هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو. 2۽ عيلام جي پٽن مان هڪڙي، سڪنياہ بن يحئيل، ورندي ڏيئي عزرا کي چيو تہ، اسان پنهنجي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، ۽ ملڪ جي غير قومن مان ڌاريون زالون پرڻيا آهيون: تڏهن بہ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ اڃا اسرائيل جي لاءِ اُميد آهي. 3تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي. 4اُٿ، ڇالاءِ جو اهو ڪم تنهنجو آهي، ۽ اسين تو سان آهيون: همت جهلي اهو ڪر. 5تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو. 6تڏهن عزرا خدا جي گهر جي اڳيان اُٿيو، ۽ يهوحانا بن الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ آيو: ۽ جڏهن هو اتي آيو تڏهن نڪا ماني کاڌائين، نڪو پاڻي پيتائين: ڇالاءِ جو قيد مان آيلن جي گناهہ ڪري هن کي گهڻو ڏک هو. 7۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾، ۽ سڀني قيدين ۾ اشتهار ڪرايو تہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين؛ 8۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو. 9تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا. 10۽ عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي اسرائيل جو ڏوهہ وڌايو اٿوَ. 11تنهنڪري هاڻي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا وٽ پنهنجا ڏوهہ قبول ڪريو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلو: ۽ ملڪ جي ماڻهن کان، ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي ڌار ڪريو. 12تڏهن سڄي جماعت وڏي آواز سان ورندي ڏيئي چيو تہ جيئن تو اسان جي نسبت ۾ چيو آهي، تيئن ئي اسين ڪنداسين. 13پر ماڻهو گهڻا آهن، ۽ گهڻي مينهن جو وقت آهي، ۽ اسين ٻاهر بيهي نٿا سگهون، نڪي وري هي ڪم هڪڙي ٻن ڏينهن جو آهي: ڇالاءِ جو اسان انهيءَ ڳالهہ ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي. 14هاڻي سڄيءَ جماعت لاءِ اسان جا سردار مقرر ٿين، ۽ اسانجن شهرن ۾ جن جن ماڻهن ڌاريون زالون پرڻيون آهن، سي ٺهرايل وقتن تي اچن، ۽ ساڻن گڏ سڀ ڪنهن شهر جا بزرگ ۽ قاضي بہ اچن، جيستائين اسان جي خدا جي ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي، ۽ هي ڪم پورو ٿئي. 15رڳو يونتن بن عساهيل، ۽ يحازياہ بن تقوہ، انهيءَ ڪم جي برخلاف اُٿي بيٺا: ۽ مسلام ۽ شبتي لاوين انهن جي مدد ڪئي. 16پر قيد مان آيلن ائين ئي ڪيو، ۽ عزرا ڪاهن اباڻي گهراڻن جي ڪن رئيسن سان گڏ، سندن ابن جي گهراڻن موجب، ناليوار انهن کي ڌار ڪيو؛ ۽ اُهي هن ڳالهہ جي چڪاس ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ ويٺا. 17۽ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ تائين انهن سڀني ماڻهن جو فيصلو ڪيائون، جن ڌاريون زالون پرڻيون هيون. 18۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي لڌا، جي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: اُهي هئا بني يشوع مان يوصدق جو پٽ ۽ ان جا ڀائر، معسياہ، ۽ اليعزر، ۽ يارب، ۽ جدلياہ. 19۽ انهن پنهنجو هٿ ڏنو تہ پنهنجون زالون ڪڍي ڇڏيندا، ۽ ڏوهاري هئڻ ڪري، پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو قرباني ڪيائون. 20۽ امير جي پٽن مان؛ حناني ۽ زبدياہ. 21۽ حارم جي پٽن مان؛ معسياہ، ۽ الياہ، ۽ سمعياہ، ۽ يحي ايل ۽ عزياہ. 22۽ فشحور جي پٽن مان؛ اليوعيني، معسياہ، اسماعيل، نتني ايل، يوزباد، ۽ العسہ. 23۽ لاوين مان؛ يوزباد ۽ سمعي ۽ قلاياہ (جو قليتاہ آهي)، فتحياہ، يهوداہ، ۽ اليعزر. 24۽ ڳائڻن مان: الياسب: ۽ دربانن مان؛ سلوم، ۽ طلم ۽ اوري. 25۽ اسرائيلين مان؛ پرعوس جي پٽن مان؛ رمياہ، ۽ يزياہ، ۽ ملڪياہ، ۽ ميامين، ۽ اليعزر، ۽ ملڪياہ، ۽ بناياہ. 26۽ عيلام جي پٽن مان؛ متنياہ، زڪرياہ، ۽ يحي ايل، ۽ عبدي، ۽ يريموت، ۽ الياہ. 27۽ زتو جي پٽن مان؛ اليوعيني، الياسب، متنياہ، ۽ يريموت، ۽ زاباد، ۽ عزيزا. 28۽ ببي جي پٽن مان؛ يهوحانان، حننياہ، زبي، عطلي. 29۽ باني جي پٽن مان؛ مسلام، ملوڪ، ۽ عداياہ، ياسوب، ۽ سيال، ۽ يراموت. 30پخت موآب جي پٽن مان؛ عدنا، ڪلال، بناياہ، معسياہ، متنياہ، بضلي ايل، ۽ بنوي، ۽ منسي. 31۽ حارام جي پٽن مان؛ اليعزر، يشياہ، ملڪياہ، سمعياہ، شمعون؛ 32بنيمين، ملوڪ، سمرياہ. 33حاشوم جي پٽن مان؛ متني، متتاہ، زاباد، اليفلط، يريمي، منسي، سمعي. 34بانيءَ جي پٽن مان؛ معدئي، عمرام ۽ اوايل؛ 35بناياہ، بدياہ، ڪلوہ؛ 36ونياہ، مريموت، الياسب. 37متنياہ، متنئي، ۽ يعسو؛ 38۽ باني، ۽ بنوي، سمعي؛ 39۽ سليماہ، ۽ ناتن، ۽ عداياہ؛ 40مڪندبي، ساسي، ساري؛ 41عزرئيل ۽ سلمياہ، سمرياہ؛ 42سلوم، امرياہ، يوسف. 43نبو جي پٽن مان؛ يعي ايل، متتياہ، زاباد، زبينا، يدو، ۽ يوايل، بناياہ. 44اهي سڀيئي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: ۽ ڪن کي اهڙيون زالون هيون جن مان اولاد هونِ.
Currently Selected:
عزرا 10: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.