YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 2

2
1۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي. 2۽ ايترا ماڻهو اچي ڪَٺا ٿيا جو جاءِ بلڪل ڪانہ هئي، بلڪ دروازي وٽ بہ نہ: ۽ هن انهن کي ڪلام ويٺي ٻڌايو. 3۽ ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي چئن ڄڻن کان کڻائي اتي وٺي آيا. 4۽ جڏهن گوڙ جي ڪري وٽس اچي نہ سگهيا، تڏهن جتي هو ويٺو هو، اُتان ڇت کڻي کوليائون: ۽ جڏهن اُها ڀڃي پَٽي چڪا، تڏهن کٽولو جنهن تي اڌرنگي پيل هو، سو لاهي هيٺ ڪيائون. 5۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو، تہ پٽ تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا. 6پر اُتي ڪي فقيهي ويٺا هئا، جن پنهنجي دل ۾ دليل پئي ڊوڙايا، 7تہ هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي: هڪڙي خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟ 8تڏهن يڪدم يسوع پنهنجي روح ۾ معلوم ڪيو تہ هو دل ۾ هي دليل ٿا آڻين، ۽ کين چيائين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ انهن ڳالهين بابت دليل ڇو ٿا ڊوڙايو؟ 9ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، اڌرنگيءَ کي هيئن چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر؟ 10پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (هن اڌرنگيءَ کي چيو تہ) 11آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي پنهنجي گهر هليو وڃ. 12۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.
13هو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اُٿي هليو، ۽ ساري خلق وٽس آئي، ۽ هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 14۽ واٽ ويندي هن حلفيءَ جي پٽ ليويءَ کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺو، ۽ انهي کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ، ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو. 15۽ هيئن ٿيو جو يسوع هن جي گهر ماني ويٺي کاڌي، ۽ ڪيترائي محصولي ٺيڪيدار، ۽ گنهگار اچي ساڻس ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا: ڇالاءِ جو هو گهڻيئي هئا، ۽ سندس پٺيان هليا آيا هئا. 16۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي. 17يسوع اها ڳالهہ ٻڌي هنن کي چيو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن تن کي آهي: آئون سچارن کي نہ، پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.
18هاڻي يوحنا جا شاگرد ۽ فريسي روزائتا هئا: تن اچي چيس تہ ڪهڙو سبب آهي جو يوحنا جا شاگرد ۽ فريسين جا شاگرد روزا ٿا رکن، پر تنهنجا شاگرد روزو ڪو نہ ٿا رکن؟ 19تنهن تي يسوع چين، تہ جڏهن گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تڏهن هو ڪو روزو رکي سگهن ٿا ڇا؟ جيسين گهوٽ ساڻن هوندو، تيسين هو روزو ڪين رکندا. 20پر اُهي ڏينهن ايندا جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ اُنهي ڏينهن هو روزو رکندا. 21ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ تہ اُها ڪوري چتي جا پراڻي ڪوٽ تي ٿي لڳائجي، يعني ڪوري پراڻي کي ڇڪي ٿي، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي. 22ڪوبہ ماڻهو، تازي انگوري رس پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري! نہ تہ رس ساندارا ڦاڙي وجهندي، ۽ پوءِ مئي بہ ويئي تہ ساندارا بہ ويا: پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي.
23۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تہ سندس شاگرد هلندي هلندي اَن جا سنگ پَٽڻ لڳا. 24تنهن تي فريسين چيس، تہ ڏس، سبت جي ڏينهن هو اهڙو ڪم ڇو ٿا ڪن جو روا نہ آهي؟ 25انهن کي چيائين تہ اوهان ڪڏهن پڙهيو نہ آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي گهرج پيئي، ۽ بک لڳي هين، تڏهن ڇا ڪيو هئائون؟ 26ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟ 27۽ هنن کي چيائين تہ سبت ماڻهوءَ لاءِ ٺهيو آهي ۽ نہ ماڻهو سبت لاءِ: 28انهي ڪري ابن آدم سبت جو بہ ڌڻي آهي.

Currently Selected:

مرقس 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in