YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 3

3
1۽ هو وري عبادتخاني ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. 2۽ هنن ويٺي نهاريس، تہ ڪٿي هو سبت جي ڏينهن ڇُٽائيس تہ مٿس تهمت آڻيون. 3هن سُڪل هٿ واري ماڻهو کي چيو تہ وچ ۾ ٿي بيهہ. 4۽ هنن کي چيائين تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ، يا مارڻ؟ پر هنن کڻي ماٺ ڪئي. 5تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس. 6۽ فريسي ٻاهر نڪري ويا، ۽ يڪدم هيرودين سان سندس برخلاف صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.
7۽ يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏجي سمنڊ جي پاسي نڪري ويو، ۽ گليل مان ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو: ۽ يهوديہ، 8۽ يروشلم، ۽ ادوم، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر، ۽ صور ۽ صيدا جي آس پاس کان ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي جڏهن ٻڌو تہ هو ههڙا وڏا ڪم ٿو ڪري، تڏهن اُهي وٽس آيا. 9۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ گوڙ جي ڪري هڪڙي ننڍي ٻيڙي منهنجي لاءِ تيار بيٺي رهي تہ متان اُهي مون تي ڳاهٽ ٿين: 10ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا. 11۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين. 12۽ هن بلڪل سخت تاڪيد ڪين تہ مون کي پڌرو نہ ڪريو.
13پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو، ۽ جن کي وڻيس، تن کي پاڻ ڏانهن سڏيائين، ۽ اُهي وٽس آيا. 14۽ هن ٻارهن ڄڻا مقرر ڪيا، انهي لاءِ تہ هو ساڻس گڏ گذارين، ۽ هو کين منادي ڪرڻ لاءِ موڪلي، 15۽ کين ڀوتن جي ڪڍڻ جي بہ اختياري هجي: 16شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين؛ 17۽ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ يعقوب جو ڀاءُ يوحنا، جن تي بونرگس، يعني گجگوڙ جا پٽ نالو رکيائين: 18۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني، 19۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن جهلايس. پوءِ هو هڪڙي گهر ۾ آيو.
20۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي. 21۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي. 22۽ فقيهہ جي يروشلم کان آيا هئا، تن چيو، تہ هن ۾ بعلزبول آهي، ۽ هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي. 23انهن کي هو پاڻ وٽ ڪوٺي مثالن ۾ چوڻ لڳو، تہ ڀلا شيطان، شيطان کي ڪيئن ڪڍي سگهندو؟ 24۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي. 25۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اُهو گهر بہ قائم رهي نہ سگهندو. 26۽ جي شيطان پاڻ پنهنجي برخلاف کڙو ٿيندو ۽ ڦيٽهڙو وجهندو، تہ بيهي ڪين سگهندو، پر ختم ٿي ويندو. 27پر ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقت واري شخص جي گهر ۾ گهڙي سندس مال متاع ڦري نہ سگهندو، جيسين ڪ پهريائين انهي طاقت واري شخص کي نہ ٻَڌي؛ ۽ تنهن کانپوءِ هن جو گهر ڦريندو. 28آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ گناهہ بني آدم ڪيا هوندا، ۽ جيڪي بہ ڪفر جون ڳالهيون هنن چيون هونديون، سي سڀ هنن کي معاف ڪيون وينديون: 29پر جيڪو پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر بڪندو تنهن کي ڪڏهن بہ معافي نہ ملندي، اُٽلندو ابدي گناهہ جو ڏوهاري ٿيندو: 30سو انهي لاءِ جو هنن چيو ٿي تہ هن ۾ ڀوت آهي.
31پوءِ هن جي ماءُ ۽ ڀائر آيا، ۽ ٻاهر بيهي هن کي پاڻ وٽ سڏيائون. 32۽ هن جي چوڌاري گهڻيئي ماڻهو ويٺا هئا، جن چيس تہ اِجهو تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا تنهنجي پڇا ڪن. 33هن جواب ڏيئي چين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟ 34۽ جيڪي سندس آس پاس ويٺا هئا، تن ڏانهن نظر گهمائي چوڻ لڳو، تہ اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر! 35ڇالاءِ تہ جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.

Currently Selected:

مرقس 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in