YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 1

1
1يسوع مسيح ابن خدا جي خوشخبريءَ جي شروعات. 2جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجو پيغمبر توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تيار ڪندو؛ 3رڻ پٽ ۾ هڪڙي منادي ڪرڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ خداوند جو رستو تيار ڪريو، سندس واٽون سنيون ڪريو“؛ 4يوحنا آيو، ۽ رڻ پٽ ۾ بپتسما ڏيڻ، ۽ گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي بپتسما جي منادي ڪرڻ لڳو. 5۽ يهوديہ جي ساري ملڪ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو وٽس ويا؛ ۽ پنهنجا گناهہ باسي يردن نديءَ ۾ کانئس بپتسما ورتائون. 6۽ يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ تي ٻَڌل هوس، ۽ هو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي کائيندو هو. 7هن منادي ڪري چيو، تہ منهنجي پٺيان هڪڙو اچي ٿو، جو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي؛ جنهن جي جُتيءَ جا ڌاڳا نِوڙي ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان. 8مون اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏني آهي؛ پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.
9۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو يسوع گليل جي ناصرت مان اچي يوحنا کان يردن ۾ بپتسما ورتي. 10۽ پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ شرط، هن آسمان کي کليل ۽ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺو: 11۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين، ۽ آئون تو مان گهڻو خوش آهيان.
12۽ يڪدم روح هن کي رڻ پٽ ڏانهن موڪليو. 13۽ هو چاليهہ ڏينهن رڻ پٽ ۾ هو، جتي شيطان هن کي پئي آزمايو، ۽ هو جهنگلي جانورن سان ٿي رهيو؛ ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.
14هاڻي يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، يسوع گليل ۾ آيو، ۽ خدا جي انجيل جي منادي ڪندي چيائين، 15تہ وقت ڀرجي آيو آهي ۽ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي: توبهہ ڪريو ۽ انجيل تي ايمان آڻيو.
16۽ گليل جي سمنڊ جي ڪناري تان لنگهندي، شمعون، ۽ شمعون جي ڀاءُ اندرياس کي سمنڊ ۾ ڄار وجهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو اُهي مهاڻا هئا. 17۽ يسوع چين منهنجي پٺيان اچو تہ آئون اوهان کي ماڻهن جو مهاڻو بنائيندس. 18تنهن تي هو يڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هليا. 19هو اڃا ٿورو اڳڀرو هليو تہ زبديءَ جي پٽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي ٻيڙيءَ تي ڄارن جي مرمت ڪندو ڏٺائين. 20۽ انهن کي يڪدم سڏيائين، ۽ هو پنهنجي پيءُ زبديءَ کي مزدورن سان ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، پاڻ سندس پٺيان هليا.
21پوءِ اُهي ڪفرناحوم ۾ ويا، ۽ هو يڪدم سبت جي ڏينهن عبادتگاهہ ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. 22۽ ماڻهو سندس تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا: ڇالاءِ تہ انهن کي فقيهن وانگر نہ پر ائين ٿي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري. 23۽ يڪدم انهن جي عبادت خاني ۾ هڪڙو ماڻهو، جنهن ۾ ڀوت هو، سو رڙ ڪري چوڻ لڳو 24تہ اي يسوع ناصري، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي برباد ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آئون توکي ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين؛ تون خدا جو پاڪ آهين. 25پر يسوع دڙڪو ڏيئي چيس، تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري وڃ. 26پوءِ اهو ڀوت هن کي پتوڙي، ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪري هن مان نڪري آيو. 27تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا. 28۽ يڪدم گليل جي ساري پرڳڻي ۾ چوڌاري جتي ڪٿي سندس هاڪ پئجي ويئي.
29پوءِ جڏهن هو عبادتگاهہ مان نڪتا، تڏهن يعقوب ۽ يوحنا سان گڏجي يڪدم شمعون ۽ اندرياس جي گهر آيا. 30اتي شمعون جي سس تپي پيئي هئي، جنهن جي هنن کيس يڪدم خبر ڏني. 31هو آيو ۽ هن کي هٿ کان وٺي اُٿاري ويهاريائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُٿي سندن خدمت ڪرڻ لڳي. 32۽ شام جو جڏهن سج لٿو، تڏهن مريضن ۽ ڀوتاريلن کي هن وٽ وٺي آيا: 33۽ سڄو شهر دروازي تي اچي گڏ ٿيو. 34۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.
35۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو. 36۽ شمعون ۽ سندس ساٿي پٺيانس ويا. 37۽ جڏهن لڌائونس، تڏهن چوڻ لڳس تہ سڀيئي توکي پيا ڳولين. 38۽ هن کين چيو تہ هلو تہ ڪن ٻين ويجهڙن شهرن ۾ هلون تہ اُتي بہ آئون منادي ڪريان؛ جو انهي ئي ڪم لاءِ نڪتو آهيان. 39۽ هو ساري گليل ۾ انهن جي عبادتگاهن ۾ وڃي منادي ڪندو ۽ ڀوت ڪڍندو رهيو.
40۽ هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو، جنهن نيزاري ڪري، ۽ اڳيانس گوڏا کوڙي چيس تہ جي تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين. 41تنهن تي هن کي رحم آيو ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري ڇهي چيس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. 42۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو، ۽ ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيو. 43۽ هن سخت تاڪيد ڪري يڪدم روانو ڪيس، 44۽ چيائينس تہ ڏسج، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي: پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اُهي شيون نذر چاڙهہ، جن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي. 45پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.

Currently Selected:

مرقس 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in