متي 28
28
1هاڻي سبت کانپوءِ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي، تڏهن مريم مگدليني ۽ هوءَ ٻي مريم قبر ڏسڻ آيون. 2۽ ڏسو، ڏاڍو زور جو زلزلو ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان لٿو، ۽ پهڻ کي ليٽائي پاسي ڪري، انهي تي چڙهي ويٺو. 3هن جي شڪل وڄ جهڙي هئي، ۽ سندس پوشاڪ اڇي برف جهڙي، 4۽ انهي جي ڊپ کان پهري وارا ڏڪي ويا، ۽ مڙدن وانگر ٿي پيا. 5۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون. 6اهو هتي ڪونهي؛ ڇوتہ جيئن هن پاڻ چيو هو، تيئن جي اُٿيو آهي. 7اچو جتي خداوند ليٽيو پيو هو؛ اُها جاءِ ڏسو، ۽ جلد وڃي سندس شاگردن کي چئو تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ اِجهو اوهان کان اڳي گليل ۾ پيو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا: مون اوهان کي چئي ڇڏيو آهي. 8۽ اُهي سگهو ئي ڊپ ۽ گهڻيئي خوشيءَ سان قبر وٽان نڪتيون، ۽ هن جي شاگردن کي خبر ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ويون. 9۽ ڏسو، يسوع کين گڏيو، ۽ چيائين تہ سلام، ۽ هنن اچي پيرن تي ڪِري کيس سجدو ڪيو. 10تڏهن يسوع هنن کي چيو تہ ڊڄو نہ: وڃي منهنجن ڀائرن کي چئو تہ اوهين گليل ڏانهن وڃو، ۽ اُتي مون کي ڏسندا.
11هاڻي هو اوڏانهن پئي ويون، تہ ڏسو، پهري وارن مان ڪي شهر ۾ آيا، ۽ جيڪي ٿي گذريو هو سو سڀ سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون. 12۽ جڏهن هنن بزرگن سان گڏجي صلاح مشورت ڪئي، تڏهن سپاهين کي گهڻا پئسا ڏيئي چيائون، 13تہ اوهين چئو تہ رات جو جڏهن اسين سمهيا پيا هئاسين، تڏهن هن جا شاگرد آيا ۽ کيس چورائي کڻي ويا. 14۽ جي اها ڳالهہ حاڪم جي ڪَن تي پيئي، تہ اسين پاڻهي هن کي سمجهائينداسين، ۽ اوهان کي خطري کان بچائي وٺنداسين. 15تڏهن هنن اُهي پئسا ورتا ۽ جيئن کين سيکاريو هئائون تيئن ڪيائون: ۽ اها ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. 16پر اُهي يارهن شاگرد گليل ۾ انهي جبل ڏانهن ويا، جتي يسوع حڪم ڏيئي ڇڏيو هُئن. 17۽ جڏهن کيس ڏٺائون، تڏهن سجدو ڪيائونس، پر ڪي شڪ ۾ هئا. 18۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي. 19تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو: 20۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.
Currently Selected:
متي 28: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.