YouVersion Logo
Search Icon

متي 27

27
1هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي: 2۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس. 3تڏهن يهوداهہ، جنهن جهلايو هوس، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن کي ڏوهاري ٺهرايو اٿن، تڏهن پڇتائي اُهي ٽيهہ روپيا سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ کڻي آيو، 4۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي. 5۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين. 6پوءِ سردار ڪاهنن اُهي روپيا کڻي چيو، تہ هنن جو خزاني ۾ رکڻ روا نہ آهي، ڇالاءِ جو اها خون جي قيمت آهي. 7سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان پرديسين کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪنڀر جي ٻني خريد ڪئي. 8جنهنڪري اُها ٻني اڄ ڏينهن تائين خون جي ٻني ٿي سڏجي. 9تڏهن جيڪي يرمياهہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿيو تہ ”جنهن جو ملهہ ڪن بني اسرائيلين رٿي ڇڏيو هو، تنهن جي قيمت لاءِ اُهي ٽيهہ روپيا هنن ورتا؛ 10۽ انهن اُهي روپيا ڪنڀر جي ٻنيءَ لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو.“
11هاڻي يسوع حاڪم جي حضور ۾ بيٺو هو: ۽ حاڪم پڇيس، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين. 12۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ بزرگن هن تي ڏوهہ مڙهيا، تڏهن ڪوبہ جواب نہ ڏنائين. 13تڏهن پلاطس چيس تہ تون ٻُڌين نٿو تہ هو ڪيترين ڳالهين جي توتي شاهدي ٿا ڀرين؟ 14پر هن هڪڙي اکر جو بہ جواب ڪونہ ڏنس: تنهنڪري حاڪم کي ڏاڍو عجب لڳو. 15هاڻي حاڪم جو اهو دستور هو تہ انهيءَ عيد تي جنهن بہ هڪڙي قيديءَ جي نالي ماڻهو چوندا هئس تنهن کي ڇڏيندو هو. 16۽ انهي وقت هنن جو هڪڙو مشهور قيدي برابا نالي هو. 17تنهنڪري جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن پلاطس چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ اوهان جي خاطر ڪنهن کي ڇڏي ڏيان؟ برابا کي يا يسوع کي، جو مسيح ٿو سڏجي؟ 18ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن. 19۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي. 20هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين. 21پر حاڪم ورندي ڏيئي چين تہ اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي، تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن کي اوهان جي خاطر ڇڏي ڏيان؟ هنن چيو تہ برابا کي. 22پلاطس چين تہ تڏهن آئون يسوع کي ڇا ڪريان، جنهن کي مسيح ٿا چون؟ سڀني چيو تہ صليب تي چاڙهيوس. 23هن چيو تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ صليب تي چاڙهيوس. 24تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو. 25۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي. 26تڏهن هن انهن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنو، پر يسوع کي چهبڪ هڻائي، صليب تي چاڙهڻ لاءِ حوالي ڪيائين.
27تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون. 28۽ سندس ڪپڙا لاهي، هڪڙي قرمزي قبا ڍڪايائونس؛ 29۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج کڻي هن جي مٿي تي رکيائون، ۽ هڪڙي ڇڙهي ساڄي هٿ ۾ ڏنائونس، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي مسخري ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام، اي يهودين جا بادشاهہ. 30۽ مٿس ٿُڪون وڌائون، ۽ اُها ڇڙهي وٺي اُنهيءَ سان مٿي تي ڌڪ هنيائونس. 31۽ جڏهن ساڻس مسخريون ڪري رهيا، تڏهن اُها قبا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪائي صليب تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ويس.
32جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪريني جو هڪڙو ماڻهو، شمعون نالي ڏٺائون: انهي کي بيگر ۾ جهلي پاڻ سان وٺي ويا تہ يسوع جو صليب کڻي هلي. 33۽ جڏهن هو هن کي گلگتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي کوپراٽيءَ واري جاءِ، 34تڏهن هن کي شراب پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ پت گڏيل هو؛ ۽ جڏهن هن اُهو چکيو، تڏهن پيئڻ جي نہ ڪيائين. 35۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. 36۽ اُتي ويهي هن جي نگهباني ڪرڻ لڳا. 37۽ سندس تهمت نامو لکي مٿانئس هڻي ڇڏيائون تہ ”هي يهودين جو بادشاهہ يسوع آهي.“ 38تنهن کان پوءِ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙهيائون؛ هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي. 39۽ جيڪي اُتان لنگهي پئي ويا، تن مٿس ٽوڪون پئي هنيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون تہ 40اي هيڪل کي ڊاهڻ ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا، پاڻ کي بچاءِ: جي تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان لهي اچ. 41هن ٻين کي ٿي بچايو، پر پاڻ کي نٿو بچائي سگهي. هو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ هاڻ ڀلي تہ صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين مٿس ايمان آڻيون. 42۽ ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن، فقيهن ۽ بزرگن سان گڏجي چيو تہ 43هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان. 44۽ جيڪي ڌاڙيل ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ کيس ساڳيا طعنا پئي هنيا.
45هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي. 46۽ ٽئين پهر ڌاري، يسوع وڏي واڪي سان پڪاري چيو، ايلي ايلي، لما سبقتني، يعني، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ 47۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا تن مان ڪن جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو ايلياهہ کي ٿو سڏي. 48۽ يڪدم انهن مان هڪڙو ڄڻو ڊوڙي ويو، ۽ اسفنج کڻي، سرڪي سان ڀري، ڪاني تي رکي، هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. 49۽ ٻين چيو تہ ڇڏي ڏيو، ڏسو تہ ايلياهہ هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ. 50۽ يسوع وري بہ وڏي واڪي سان پڪاري پنهنجو ساهہ ڏنو. 51۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛ 52۽ قبرون کُلي پيون، ۽ گهڻا ئي اولياءَ جي سمهيا پيا هئا، سي اُٿي کڙا ٿيا؛ 53۽ يسوع جي جي اُٿڻ کانپوءِ قبرن کان ٻاهر نڪري اچي انهي پاڪ شهر ۾ گهڙيا، ۽ گهڻن کي ڏسڻ ۾ آيا. 54هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو. 55۽ اُتي گهڻيون زالون جي گليل مان يسوع جي خدمت ڪنديون پٺيان آيون هيون، تن پريان بيٺي ڏٺو. 56انهن ۾ مريم مگدليني ۽ يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ هيون.
57۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن يوسف نالي هڪڙو دولتمند ماڻهو جو ارمتيہ جو ويٺل هو، 58تنهن پلاطس وٽ وڃي يسوع جو لاش گهريو. تڏهن پلاطس ڏيڻ جو حڪم ڪيو. 59۽ يوسف اهو لاش هٿ ڪري انهيءَ کي هڪڙي صاف سنهي چادر ۾ ويڙهي، 60ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو. 61۽ مريم مگدليہ ۽ هوءَ ٻي مريم ٻئي قبر جي سامهون ويهي رهيون.
62هاڻي تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ آيا؛ 63۽ چيائونس تہ سائين، اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو، تڏهن چوندو هو تہ ٽن ڏينهن کانپوءِ آئون وري جي اُٿندس. 64تنهنڪري حڪم ڪر تہ ٽئين ڏينهن تائين قبر جي حفاظت ڪجي، متان سندس شاگرد اچي چورائي وڃنس، ۽ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي: تہ متان هيءَ پوئين ڀل پهرين کان بہ وڌيڪ خرابي پيدا ڪري. 65پلاطس چين تہ اوهان وٽ پهري وارا تہ آهن، سو جيتري حفاظت ڪري سگهو اوتري وڃي ڪريو. 66تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.

Currently Selected:

متي 27: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in