1
متي 46:27
Sindhi Bible NT
۽ ٽئين پهر ڌاري، يسوع وڏي واڪي سان پڪاري چيو، ايلي ايلي، لما سبقتني، يعني، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
Compare
Explore متي 27:46
2
متي 51:27-52
۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛ ۽ قبرون کُلي پيون، ۽ گهڻا ئي اولياءَ جي سمهيا پيا هئا، سي اُٿي کڙا ٿيا؛
Explore متي 27:51-52
3
متي 50:27
۽ يسوع وري بہ وڏي واڪي سان پڪاري پنهنجو ساهہ ڏنو.
Explore متي 27:50
4
متي 54:27
هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.
Explore متي 27:54
5
متي 45:27
هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.
Explore متي 27:45
6
متي 22:27-23
پلاطس چين تہ تڏهن آئون يسوع کي ڇا ڪريان، جنهن کي مسيح ٿا چون؟ سڀني چيو تہ صليب تي چاڙهيوس. هن چيو تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ صليب تي چاڙهيوس.
Explore متي 27:22-23
Home
Bible
Plans
Videos