مرقس 14
14
1هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون: 2ڇالاءِ جو هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ گوڙ ٿي پوي.
3۽ جڏهن بيت عنياہ ۾، هن شمعون ڪوڙهئي جي گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هڪڙي زال سنگ مرمر جي عطرداني کڻي آئي، جنهن ۾ تمام قيمتي جٽاماسي جو عطر هو؛ ۽ اُها عطرداني ڀڃي هن جي مٿان اوتيائين. 4پر ڪي اُتي هئا جي ڪاوڙجي چوڻ لڳا تہ ڪهڙي سبب ڪري هي عطر زيان ڪيو ويو آهي؟ 5ڇالاءِ تہ جيڪر هي عطر ٽن سون دينارن کان بہ زيادہ قيمت تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها. ۽ هو انهيءَ زال جي برخلاف سُر پُر ڪرڻ لڳا. 6پر يسوع چيو تہ هن کي ڇڏي ڏيو، ڇو ٿا ستايوس؟ هن مون سان چڱائي ڪئي آهي. 7ڇالاءِ جو غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا، ۽ جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿيندي، تڏهن هنن سان ڀلائي ڪري سگهندا، پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس. 8هن کان جيڪي ٿي سگهيو، سو هن ڪيو آهي: هن منهنجي بدن کي دفن جي لاءِ اڳيئي عطر مکيو آهي. 9آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جتي بہ ساريءَ دنيا ۾ انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن زال جيڪي ڪيو آهي، تنهن جو ذڪر سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو. 10پوءِ يهوداہ اسڪريوتي، جو اُنهن ٻارهن مان هڪڙو هو، سو سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهي لاءِ تہ هن کي سندن حوالي ڪري. 11۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي تڏهن خوش ٿيا، ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي هنن جي حوالي ڪريان.
12۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟ 13هن پنهنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو جو پاڻيءَ جو دلو کنيو ايندو: اُنهي جي پٺيان وڃجو؛ 14۽ جنهن گهر ۾ اُهو گهڙي وڃي، اُنهي جي مالڪ کي چئجو، تہ اُستاد چوي ٿو تہ منهنجو مهمان خانو ڪٿي آهي، جتي آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟ 15۽ اُهو پاڻهي اوهان کي ماڙيءَ تي بالاخانو سينگاريل ۽ تيار ٿيل ڏيکاريندو: اُتي اسان جي لاءِ تياري ڪجو. 16سو شاگرد روانا ٿيا ۽ شهر ۾ آيا، جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ فسح تيار ڪيائون.
17۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن هو ٻارهن ئي سان گڏجي آيو. 18۽ جڏهن کاڌائون ويٺي تڏهن يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو جو مون سان گڏ ويٺو کائي، سو مون کي جهلائيندو. 19تنهن تي هو غمگين ٿيڻ لڳا، ۽ هڪڙو هڪڙو ٿي چوڻ لڳس، تہ آئون آهيان ڇا؟ 20هن چين تہ ٻارهن مان هڪڙو آهي بلڪ اُهو جو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان ٿو ٻوڙي. 21ڇالاءِ جو ابن آدم تہ وڃي ٿو، جيئن ڪ سندس بابت لکيل آهي، پر افسوس اُنهي ماڻهوءَ تي آهي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلجي ٿو! اُنهي ماڻهوءَ لاءِ چڱو ٿئي ها جي هو ڄمي ئي نہ ها.
22۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي، تہ هن ماني کنئي، ۽ برڪت ڏيئي اُها ڀڳائين، ۽ اُنهن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، هي منهنجو بدن آهي. 23۽ پيالو کڻي شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ اُنهن سڀني اُنهي مان پيتو. 24۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو. 25آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ آئون وري انهي ڏينهن تائين ڪڏهن ڊاک جي رس نہ پيئندس، جيستائين ڪ خدا جي بادشاهت ۾ اها نئين سر نہ پيئان.
26۽ جڏهن زبور ڳائي چڪا، تڏهن هو زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا. 27۽ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ گمراهہ ٿيندا، ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون رُلي ڇلي وينديون.“ 28انهي هوندي بہ آئون پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ، اوهان کان اڳي گليل ڏانهن ويندس. 29پر پطرس چيس تہ جيتوڻيڪ سڀيئي ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون گمراهہ ڪين ٿيندس. 30يسوع هن کي چيو تہ آئون توکي سچ ٿو چوان تہ اڄ، بلڪ اڄوڪي رات، ڪڪڙ جي ٻن ڀيرن ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. 31پر هن ڏاڍي جوش مان چيس تہ جيڪڏهن مون کي توسان گڏ مرڻو بہ پوي، تہ بہ آئون انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني بہ انهيءَ طرح چيو.
32۽ هو هڪڙي هنڌ آيا، جنهن کي گيتسمني سڏيندا هئا، ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ اوهين هتي ويٺا رهو، جيسين ڪ آئون دعا گهران. 33۽ هن پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. 34۽ هنن کي چيائين تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو، ۽ جاڳندا رهو. 35۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو ۽ زمين تي ڪِري دعا گهرڻ لڳو، تہ جي ٿي سگهي تہ هيءَ گهڙي مون کان ٽري وڃي. 36۽ چيائين، تہ اي ابا، اي پيءُ، تون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهين؛ هي پيالو مون تان ٽار، اِنهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي. 37۽ هو موٽي آيو ۽ اچي هنن کي سُتل ڏسي، پطرس کي چيائين، تہ اي شمعون، تون بہ سمهيو پيو آهين؟ هڪڙي گهڙي بہ سجاڳ رهي نٿو سگهين؟ 38اوهين جاڳو، ۽ دعا گهُرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: سچ روح تہ تيار آهي، مگر جسم ضعيف آهي؛ 39۽ وري هو هليو ويو، ۽ ساڳي ڳالهہ چئي دعا گهُريائين. 40۽ وري اچي هنن کي سُتل ڏٺائين، ڇالاءِ جو هنن جون اکيون ننڊ ۾ ڀريون پيون هيون، ۽ خبر ئي نٿي پين تہ ڪهڙو جواب ڏيونس. 41۽ هو ٽيون دفعو آيو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو، ۽ آرام وٺو: بس اُها گهڙي اچي پهتي آهي؛ اِجهو ابن آدم گنهگارن جي هٿن ۾ ڏنو ٿو وڃي. 42اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو سو ويجهو آيو آهي.
43۽ يڪدم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ يهوداہ، جو ٻارهن مان هڪڙو هو، سو آيو، ۽ انهي سان گڏ هڪڙي جماعت ترارن ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ۽ بزرگن موڪليو هو. 44هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ چيو هئائين، تہ جنهن کي آئون چُمان سو اٿوَ؛ انهي کي جهلجو ۽ سنڀالي وٺي وڃجوس. 45۽ جڏهن هو اچي پهتو، تڏهن يڪدم وٽس اچي چيائين تہ اي اُستاد؛ ۽ چُميائينس. 46تنهن تي هنن کڻي هٿ وڌس، ۽ قابو ڪيائونس. 47پر جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي پنهنجي ترار ڪڍي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي، ۽ هن جو ڪَن ڪَپي ڇڏيائين. 48يسوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ ترارون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ 49مون هر روز اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، ۽ اوهان تہ مون کي پڪڙيو ئي ڪين! پر هي انهي ڪري ٿيو آهي تہ پاڪ لکيتون پوريون ٿين. 50پوءِ سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.
51۽ هڪڙو جوان ماڻهو جنهن جي اُگهاڙي بُت تي سنهي چادر پيل هئي، سو هن جي پٺيان پئي ويو، انهي کي بہ هنن کڻي جهليو. 52پر هو اها سنهي چادر ڇڏي اُگهاڙو اُٿي ڀڳو.
53۽ هو يسوع کي سردار ڪاهن وٽ وٺي آيا: ۽ اُتي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ بزرگ ۽ فقيهہ هن وٽ اچي گڏ ٿيا. 54۽ پطرس پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اصل سردار ڪاهن جي ايوان اندر گهڙي ويو، ۽ سپاهين سان گڏ باهہ تي ويٺي پاڻ سيڪيائين. 55هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف شاهدي ڳولڻ لڳي، پر ڪانہ ملين. 56ڇالاءِ جو گهڻن ئي مٿس ڪوڙيون شاهديون ڏنيون، مگر سندن شاهديون پاڻ ۾ نٿي مليون. 57۽ ڪي اُٿي بيٺا ۽ مٿس ڪوڙي شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ 58اسان هن کي چوندو ٻُڌو آهي، تہ هي هيڪل جو هٿن سان جوڙيو ويو آهي، تنهن کي آئون ڊاهيندس، ۽ وري ٽن ڏينهن ۾ ٻيو اڏيندس، جو هٿن کانسواءِ جُڙيل هوندو. 59پر انهي ۾ بہ سندن شاهدي پاڻ ۾ نٿي ملي. 60تڏهن سردار ڪاهن وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ يسوع کان پڇڻ لڳو تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ هي تو تي ڪهڙي شاهدي ٿا ڀرن؟ 61پر هو ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنائين. وري بہ سردار ڪاهن سوال پڇيس ۽ چيائينس تہ تون انهي سڳوري جو فرزند، مسيح آهين ڇا؟ 62يسوع چيو تہ آئون آهيان: ۽ اوهين ابن آدم کي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن سان ايندو ڏسندا. 63تنهن تي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ چوڻ لڳو تہ اسان کي شاهدن جي ٻي ڪهڙي گهرج آهي؟ 64اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي: ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن سڀني اها فتويٰ ڏني تہ هي موت جي لائق آهي. 65۽ ڪي مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ سندس منهن ڍڪڻ، ۽ کيس ٺونشا هڻڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳس تہ نبوت ڪر، ۽ سپاهين چماٽون هڻي هن کي پنهنجي حوالي ڪيو.
66۽ جڏهن پطرس هيٺ ايوان ۾ هو، تڏهن سردار ڪاهن جي نوڪرياڻين مان هڪڙي آئي؛ 67۽ پطرس کي پاڻ سيڪيندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، تہ تون بہ هن يسوع ناصريءَ سان هئين. 68پر هن انڪار ڪري چيس تہ جيڪي تون چوين ٿي، سو نڪي آئون ڄاڻان ٿو، نڪي سمجهان ٿو. پوءِ هو نڪري ڏيڍيءَ ۾ ويو، تہ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 69۽ انهيءَ نوڪرياڻيءَ ڏٺس، ۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن کي وري چوڻ لڳي، تہ هي هنن مان هڪڙو آهي. 70پر هن وري بہ انڪار ڪيو، ۽ ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن پطرس کي چيو تہ سچ پچ تون هنن مان هڪڙو آهين؛ ڇالاءِ جو تون گليلي آهين. 71پر هو لعنت وجهڻ لڳو، ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو، تہ هي ماڻهو جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو، تنهن کي تہ آئون سڃاڻان ئي ڪين. 72۽ يڪدم ٻئي ڀيري ڪڪڙ ٻانگ ڏني. ۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد پيئي، جو يسوع چيو هوس تہ ڪڪڙ ٻہ ڀيرا ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. ۽ انهي بابت خيال ڪندي روئي ڏنائين.
Currently Selected:
مرقس 14: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.