1
مرقس 36:14
Sindhi Bible
۽ چيائين، تہ اي ابا، اي پيءُ، تون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهين؛ هي پيالو مون تان ٽار، اِنهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.
Compare
Explore مرقس 14:36
2
مرقس 38:14
اوهين جاڳو، ۽ دعا گهُرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: سچ روح تہ تيار آهي، مگر جسم ضعيف آهي؛
Explore مرقس 14:38
3
مرقس 9:14
آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جتي بہ ساريءَ دنيا ۾ انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن زال جيڪي ڪيو آهي، تنهن جو ذڪر سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.
Explore مرقس 14:9
4
مرقس 34:14
۽ هنن کي چيائين تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو، ۽ جاڳندا رهو.
Explore مرقس 14:34
5
مرقس 22:14
۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي، تہ هن ماني کنئي، ۽ برڪت ڏيئي اُها ڀڳائين، ۽ اُنهن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، هي منهنجو بدن آهي.
Explore مرقس 14:22
6
مرقس 23:14-24
۽ پيالو کڻي شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ اُنهن سڀني اُنهي مان پيتو. ۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو.
Explore مرقس 14:23-24
7
مرقس 27:14
۽ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ گمراهہ ٿيندا، ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون رُلي ڇلي وينديون.“
Explore مرقس 14:27
8
مرقس 42:14
اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو سو ويجهو آيو آهي.
Explore مرقس 14:42
9
مرقس 30:14
يسوع هن کي چيو تہ آئون توکي سچ ٿو چوان تہ اڄ، بلڪ اڄوڪي رات، ڪڪڙ جي ٻن ڀيرن ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.
Explore مرقس 14:30
Home
Bible
Plans
Videos