مرقس 15
15
1۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس. 2پلاطس هن کان پڇيو، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون پاڻ ٿو چوين. 3۽ سردار ڪاهنن هن تي گهڻيئي تهمتون آنديون. 4پوءِ پلاطس وري پڇيس تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ ڏس تو تي ڪيتريون نہ تهمتون ٿا آڻين. 5پر يسوع وري ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو؛ ايتري قدر جو پلاطس کي عجب لڳو.
6هاڻي عيد تي جنهن بہ هڪڙي قيديءَ لاءِ هو عرض ڪندا هئس، تنهن کي سندن خاطر ڇڏي ڏيندو هو. 7۽ هڪڙو ماڻهو برابا نالي هو، جو انهن فسادين سان گڏ قيد ۾ هو، جن فساد ڪندي خون ڪيو هو. 8۽ ماڻهو ميڙ ڪري وٽس ويا، ۽ عرض ڪرڻ لڳس تہ جيئن تون هميشہ اسان لاءِ ڪندو آهين، تيئن هاڻ بہ ڪر. 9پلاطس ورندي ڏيئي چين، تہ اوهان جي مرضي ڇا آهي تہ آئون يهودين جي بادشاهہ کي ڇڏي ڏيان؟ 10ڇالاءِ جو هن سهي ڪيو هو تہ سردار ڪاهنن هن کي حسد جي ڪري آڻي رجوع ڪيو آهي. 11پر سردار ڪاهنن خلق کي چوري بيهاريو تہ هو سندن خاطر انهي جي بدران برابا کي ڇڏي ڏئي. 12پلاطس وري ورندي ڏيئي چين تہ تڏهن جنهن کي اوهين يهودين جو بادشاهہ ٿا سڏيو، تنهن کي آئون ڇا ڪريان؟ 13هنن وري واڪا ڪري چيو تہ هن کي صليب تي چاڙهہ. 14پلاطس چين تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيس، تہ هن کي صليب تي چاڙهہ. 15۽ پلاطس جي مرضي هئي تہ ماڻهن کي راضي ڪريان، تنهنڪري هنن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنائين، ۽ يسوع کي چهبڪن هڻڻ کانپوءِ حوالي ڪيائين تہ وڃي صليب تي چاڙهيوس.
16پوءِ سپاهي هن کي ايوان منجهہ وٺي ويا، جنهن کي پرئتورين ٿا چون؛ ۽ اُتي سڄي پلٽڻ آڻي گڏ ڪيائون. 17۽ انهن کيس واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا، ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ڳتي مٿس رکيائون، 18۽ سلام ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ! 19۽ هن جي مٿي تي ڇڙين سان ڌڪ هنيائون، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلايائون، ۽ گوڏا کوڙي سجدو ڪيائونس. 20۽ جڏهن ساڻس مسخري ڪري رهيا، تڏهن اُهي واڱڻائي ڪپڙا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪيائونس. ۽ صليب تي چاڙهڻ لاءِ کيس ٻاهر وٺي نڪتا.
21۽ شمعون نالي هڪڙو ڪريني ماڻهو، سڪندر ۽ روفس جو پيءُ، جو ٻهراڙيءَ کان ٿي آيو، ۽ رستو وٺي اچي اُتان لنگهيو، تنهن کي بيگر ۾ جهليائون، تہ هن جو صليب کڻي هلي. 22پوءِ هن کي گلگتا واري هنڌ وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي کوپراٽيءَ جي جاءِ. 23۽ هن کي مئي پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ مر گڏيل هئي، پر هن نہ پيتي. 24۽ هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ هن جي ڪپڙن تي پُکا وڌائون تہ ڪير ڪهڙو کڻي، انهي طرح پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. 25۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، تڏهن ڏينهن جو هڪڙو پهر گذريو هو. 26۽ سندس تهمت نامو لکي مٿس هڻي ڇڏيو هئائونس، تہ ”يهودين جو بادشاهہ“. 27۽ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي صليب تي چاڙهيائون، هڪڙو سندس ساڄي پاسي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي. 28۽ انهيءَ طرح اُها لکيت اچي پوري ٿي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“. 29۽ جيڪي اُتان لنگهيا ٿي، تن هن تي ٺٺوليون ٿي ڪيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي چيائون ٿي تہ واهہ: هيڪل کي ڊاهڻ وارا ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا! 30صليب تان لهي اچ ۽ پاڻ کي بچاءِ. 31ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن بہ فقيهن سان گڏ پاڻ ۾ چرچا گهٻا ڪري چيو، تہ هن ٻين کي بچايو، پاڻ کي تہ بچائي نٿو سگهي. 32هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا.
33۽ جڏهن ٻپهري ٿي، تڏهن سڄي زمين تي اونداهي ٿي ويئي، جا ٽئين پهر تائين هلي. 34۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ 35۽ جيڪي اُتي بيٺل هئا، تن مان ڪن جڏهن اهو ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ڏسو، هو ايلياهہ کي ٿو سڏي. 36۽ هڪڙو ڄڻو ڊوڙيو ۽ اسفنج سرڪي سان ڀري ڪاني تي رکي هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين، ۽ چيائين تہ ڇڏي ڏيو؛ ڏسون تہ ايلياهہ هن کي هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ. 37پوءِ يسوع وڏو واڪو ڪري دم ڏنو. 38۽ هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو. 39۽ صوبيدار جو سندس سامهون اتي بيٺو هو، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن انهيءَ طرح ساهہ ڏنو، تڏهن چوڻ لڳو تہ سچ پچ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو. 40۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛ 41جي جڏهن هو گليل ۾ هو، تڏهن سندس خدمت ڪنديون سندس پٺيان آيون هيون؛ ۽ ٻيون بہ گهڻيون ئي زالون هيون، جي ساڻس گڏجي يروشلم ۾ آيون هيون.
42۽ اهو تياريءَ جو ڏينهن هو، جو سبت جي ڏينهن کان اڳي ٿيندو آهي، ۽ جڏهن سانجهي ٿي، 43تڏهن ارمتيہ وارو يوسف آيو، جو هڪڙو معزز مشير هو، ۽ پاڻ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ اُهو همت ڪري اندر گهڙي پلاطس وٽ ويو، ۽ يسوع جو لاش گهُريائين. 44۽ پلاطس کي عجب لڳو تہ هو ايترو جلد ڪيئن مئو، ۽ صوبيدار کي پاڻ وٽ سڏي هن کان پڇيائين تہ هن کي مُئي ڪيتري دير ٿي آهي؟ 45۽ جڏهن صوبيدار کان انهيءَ جي خاطري ٿيس، تڏهن يوسف کي لاش ڏنائين. 46۽ هن هڪڙي سنهي سڻيءَ جي چادر خريد ڪئي، ۽ هن کي لاهي انهيءَ سڻيءَ جي چادر ۾ ويڙهيائين، ۽ هڪڙيءَ قبر ۾ رکيائينس، جا هڪڙي ٽڪر ۾ کوٽيل هئي؛ ۽ هن هڪڙو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو. 47۽ جتي رکيائونس، اُهو هنڌ مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم ڏٺو.
Currently Selected:
مرقس 15: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.