YouVersion Logo
Search Icon

متي 16

16
1۽ فريسي ۽ صدوقي آيا، ۽ آزمودي وٺڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار. 2پر هن ورندي ڏيئي چين، تہ جڏهن سانجهيءَ جو آسمان ڳاڙهو ٿو ٿئي، تڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڏينهن صاف ٿيندو: 3۽ جڏهن صبح جو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ اڄ مينهن پوندو: اوهان کي خبر پوي ٿي تہ آسمان جون نشانيون ڪيئن سهي ڪجن؛ پر زماني جون نشانيون سهي ڪري نٿا سگهو. 4هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهرن، پر اُنهن کي يوناہ واري نشانيءَ کانسواءِ ٻي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي. ائين چئي هو کين ڇڏي هليو ويو.
5۽ شاگرد هن پار ويا، پر ماني کڻڻ وسري وين. 6پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو. 7۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ماني ڪانہ آندي آهي، تنهنڪري ائين ٿو چوي. 8يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين پاڻ ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪريو، تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟ 9اڃا سمجهہ نٿي پئيوَ، ۽ اُهي پنجن هزارن ماڻهن واريون پنج مانيون اوهان کي ياد ڪينهن؟ ۽ اوهان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟ 10نڪي چئن هزار ماڻهن واريون ست مانيون ياد اٿوَ تہ ڪيترا کارا کنيوَ؟ 11ڪهڙو سبب آهي جو اوهين نٿا سمجهو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت ڪين چيو؟ پر هيئن چيم تہ فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان سنڀالجو؟ 12تڏهن هنن کي سمجهہ ۾ آيو تہ هن کين مانيءَ جي خمير کان نہ، پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان خبردار رهڻ لاءِ ٿي چيو.
13هاڻي جڏهن يسوع قيصريہ فلپي جي علائقي ۾ آيو، تڏهن پنهنجن شاگردن کان پڇيائين، تہ ماڻهو ڇا ٿا چون تہ ابن آدم ڪير آهي؟ 14هنن چيو تہ ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ڪي ايلياهہ، ۽ ٻيا ٿا چون تہ يرمياهہ، يا نبين مان ڪو هڪڙو. 15هن کين چيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ 16۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين. 17۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي. 18۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي. 19آئون توکي آسمان جي بادشاهت جون ڪنجيون ڏيندس، ۽ جيڪي تون زمين تي ٻڌندين سو آسمان ۾ ٻڌبو، ۽ جيڪي تون زمين تي ڇوڙيندين سو آسمان ۾ ڇوڙيو ويندو. 20تڏهن هن شاگردن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان چئو تہ هي مسيح آهي.
21انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان. 22۽ پطرس هن کي پاسي تي وٺي ڇينڀي چوڻ لڳو تہ اي خداوند، خدا خير ڪري، تو سان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو. 23پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي. 24تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي. 25ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو: ۽ جيڪو منهنجي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، تنهن کي اُها ملندي. 26ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟ 27ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو. 28۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا.

Currently Selected:

متي 16: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in