متي 15
15
1تنهن کانپوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ فقيهہ يسوع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ 2تنهنجا شاگرد بزرگن جي روايت ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ جو هو ماني کائڻ مهل هٿ نٿا ڌوئن. 3هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين بہ پنهنجي روايت جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟ 4ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي. 5پر اوهين ٿا چئو، تہ جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ کي چوندو، تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا خدا جي نذر ٿي چڪي؛ سو ڀلي پنهنجي پيءُ کي عزت نہ ڏئي. 6تڏهن اوهان پنهنجي روايت ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 7اي رياڪارو، اوهان بابت يسعياہ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪئي آهي تہ 8”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي. 9هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“ 10۽ هن خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ٻڌو ۽ سمجهو: 11جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري. 12تڏهن شاگردن اچي چيس تہ توکي ڪا خبر آهي تہ فريسين کي تنهنجي هن ڳالهہ ڪري ٺوڪر لڳي آهي؟ 13پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جيڪو سلو نہ هنيو آهي، سو پَٽجي ويندو. 14هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا. 15پوءِ پطرس وراڻي ڏيئي چيس تہ اسان کي اُنهيءَ مثال جي سمجهاڻي ڏي. 16۽ هن چيو تہ اوهين بہ اڃا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ 17ايتري بہ خبر نٿي پئيوَ تہ جيڪي وات ۾ پوي ٿو سو لنگهي پيٽ ۾ ٿو وڃي، اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟ 18پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن؛ ۽ اُهي انسان کي پليت ٿيون ڪن. 19ڇالاءِ جو دل مان بڇڙا خيال، خون، زناڪاريون، حرام ڪاريون، چوريون، ڪوڙي شاهدي، گلائون ٿيون نڪرن: 20اهي ئي شيون آهن جي انسان کي پليت ٿيون ڪن: پر اڻ ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهو کي پليت نٿو ڪري.
21پوءِ يسوع اُتان نڪري صور ۽ صيدا جي علائقي ۾ ويو. 22۽ ڏسو، هڪڙي ڪنعاني زال اُنهن حدن مان نڪري آئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ اي خداوند، اي دائود جا فرزند، تون مون تي رحم ڪر؛ منهنجي ڌيءَ کي هڪڙي ڀوت ڏاڍو هلاڪ ڪيو آهي. 23پر هن ڪوبہ جواب نہ ڏنس. تڏهن سندس شاگرد اچي کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا: تہ هن کي روانو ڪر، ڇالاءِ جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون پيئي ڪري. 24پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون رڳو اسرائيل جي گهراڻي جي گم ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آهيان. 25پر هن زال اچي پيرين پئي چيس تہ خداوند، منهنجي مدد ڪر. 26هن وراڻي ڏيئي چيو تہ ائين واجب ناهي تہ ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اُڇلائي ڏجي. 27پر هن زال چيو تہ برابر خداوند، پر جيڪي ڀور سندن ڌڻين جي ميز تان ڪِرندا آهن تن مان ڪتا بہ کائيندا آهن. 28تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ اي مائي، تنهنجو ايمان وڏو آهي. جيئن تون گهُرين ٿي تيئن ئي تنهنجي لاءِ ٿئي. ۽ اُنهي گهڙيءَ سنديس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.
29پوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ گليل جي سمنڊ جي ويجهو آيو، ۽ جبل تي چڙهي وڃي اُتي ويهي رهيو. 30۽ وڏا ميڙاڪا وٽس آيا، جن منجهہ منڊا، انڌا، گونگا، ٽنڊا ۽ ٻيا بہ گهڻا هئا، ۽ اُنهن کي يسوع جي پيرن وٽ رکندا ويا؛ ۽ هن کين ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو: 31ايتري قدر جو جڏهن ماڻهن گونگن کي ڳالهائيندو، ۽ ٽُنڊن کي سڄو ٿيندو، ۽ منڊن کي هلندو، ۽ انڌن کي ڏسندو ڏٺو، تڏهن عجب لڳي وين، ۽ هو اسرائيل جي خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا.
32پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون. 33۽ شاگردن چيس تہ هتي سُڃ ۾ اسان وٽ ايتريون مانيون ڪٿان اينديون جو هيڏي وڏي ميڙاڪي جو پيٽ ڀرجي؟ 34۽ يسوع چين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ هنن چيو تہ ست، ۽ ڪي ٿوريون ننڍيون مڇيون 35۽ هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو؛ 36۽ هن اُهي ست مانيون ۽ ننڍيون مڇيون کڻي شڪر ڪري، ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنا، ۽ شاگردن وري اُهي ماڻهن کي ڏنا. 37۽ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جا ست کارا ڀري کنيائون. 38۽ جن کاڌو سي چار هزار مرد هئا، تن کان سواءِ زالون ۽ ٻار. 39۽ هن انهن ميڙاڪن کي موڪل ڏني، ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي حدن ۾ آيو.
Currently Selected:
متي 15: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.