YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 9

9
1تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:
2آءٌ سچ پچ ڄاڻان ٿو تہ ائين آهي: پر ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا اڳيان سچو ٿي سگهندو؟
3جيڪڏهن هن جي مرضي ساڻس وڙهڻ جي هوندي تہ هزار مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو بہ هن کي جواب ڏيئي نہ سگهندو.
4هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.
5جو جبلن کي هٽائي ڇڏي ٿو ۽ انجي هنن کي خبر ئي نٿي پوي، ۽ انهيءَ مهل هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪيو رکي.
6جو زمين کي پنهنجي جاءِ تان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا.
7جو سج کي حڪم ڏئي ٿو تہ اُهو اُڀري ئي نٿو؛ ۽ جو تارن کي مُهر ڪيو ڇڏي.
8جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو.
9جو کٽ، ۽ جبار، ۽ ڪتيون، ۽ ڏکڻ وارا برج جوڙي ٿو.
10جو اهڙا وڏا ڪم ڪري ٿو جي سمجهہ کان ٻاهر آهي، هائو، بيشمار عجيب ڪم.
11ڏس، هو منهنجي پاسي کان هلي ٿو تہ بہ آءٌ ان کي نٿو ڏسان: هو اڳتي لنگهي ويو پر هن جي مون کي خبر نٿي پوي.
12ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟
13خدا پنهنجي ڪاوڙ کي نہ موٽائيندو؛ رهب جا مددگار هن هيٺ جهڪن ٿا.
14پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ هن کي جواب ڏيئي سگهان، ۽ هن سان حجت دليل ڪرڻ لاءِ پنهنجا لفظ چونڊي سگهان؟
15جي کڻي آءٌ سچو بہ هجان تہ بہ جيڪر جواب ڏيڻ نہ گهران؛ آءٌ جيڪر پنهنجي دشمن کي بہ منٿ زاري ڪريان.
16جي آءٌ کڻي سڏ ڪريان ها ۽ هو ورندي ڏئي ها؛ تہ بہ آءٌ جيڪر ويساهہ نہ ڪريان تہ ڪو هن منهنجو آواز ٻڌو آهي.
17هو مون کي طوفان سان ڀڃي ٿو، ۽ سبب کان سواءِ زخم وڌائي ٿو.
18هو مون کي ساهہ کڻڻ نہ ڏيندو، پر مون کي ڪَڙاڻ سان ڀري ڇڏي ٿو.
19جيڪڏهن اسين طاقت وارن جي زور جو ذڪر ڪنداسين تہ ڏسو، هو اتي موجود آهي! ۽ جي عدالت جو، تہ ڪير مون کي وقت مقرر ڪري ڏيندو؟
20جيتوڻيڪ آءٌ سچو ئي هجان، تہ بہ منهنجو وات مون کي قصور وار ٺهرائيندو: ۽ جي آءٌ ڪامل هجان، تہ بہ اهو مون کي ڏنگو ثابت ڪندو.
21آءٌ ڪامل آهيان: تہ بہ آءٌ پاڻ کي ڪي ڪين ٿو سمجهان؛ آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو.
22اها سڀ هڪڙي ڳالهہ آهي؛ تنهن ڪري آءٌ چوان ٿو تہ هو ڪامل توڙي شريرن کي ناس ٿو ڪري.
23جيڪڏهن وبا اوچتو ماري وجهندي تہ بہ هو بيگناهن جي آزمائش تي کلندو.
24زمين شريرن جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي: هو انهنجي منصفن جا منهن ڍڪي ڇڏي ٿو. جي اُهو ناهي تہ تڏهن ٻيو ڪير آهي؟
25هاڻي منهنجا ڏينهن ٽپالي قاصد کان بہ تکا آهن: اُهي ڀڄندا وڃن ۽ اُهي ڪابہ چڱائي نٿا ڏسن.
26هو تکن جهازن وانگر لنگهي ويا آهن: انهيءَ باز وانگر جو شڪار تي لامارو ڏئي ٿو.
27جيڪڏهن آءٌ چوندس تہ آءٌ پنهنجي غمگين شڪل ڦيري ڇڏيندس ۽ خوش گذاريندس:
28تہ آءٌ پنهنجن سڀني ڏکن کان ڊڄان ٿو مون کي خبر آهي تہ تون مون کي بيگناهہ نہ ڄاڻندين.
29مون تي ڏوهہ ثابت ٿيندو؛ تڏهن ڇالاءِ آءٌ اجائي محنت ڪريان؟
30جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي برف جي پاڻيءَ سان ئي کڻي ڌوئان ۽ پنهنجا هٿ تمام صاف ڪريان؛
31تہ بہ تون مون کي کڏ ۾ اُڇلائي وجهندين، ۽ خود منهنجا ڪپڙا مون کان بيزار ٿيندا.
32ڇالاءِ جو هو مون جهڙو ماڻهو ناهي جو هن کي ورندي ڏيان، ۽ عدالت جي لاءِ هن سان گڏ حاضر ٿيان.
33اسان جي وچ ۾ ڪو امين ڪونهي جو اسان ٻنهي تي پنهنجو هٿ رکي.
34ڀلي تہ هو پنهنجي لٺ مون تان پري ڪري، ۽ هنجو خوف مونکي نہ ڊڄاري:
35تہ پوءِ آءٌ ڳالهايان ۽ هن کان نہ ڊيڄاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي لاءِ پاڻ اهڙو نہ آهيان.

Currently Selected:

ايوب 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in