ايوب 8
8
1تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:
2ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟
3خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟
4جيڪڏهن تنهنجي اولاد هن جي خلاف گناهہ ڪيو آهي ۽ هن انهن کي، انهن گناهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي:
5جيڪڏهن تون ڪوشش ڪري خدا کي ڳولڻ گهرندين ۽ قادر مطلق وٽ منٿ آزي ڪندين؛
6جيڪڏهن تون پاڪ ۽ سچو هوندين؛ تہ پوءِ يقين آهي تہ هو تو لاءِ اُٿندو، ۽ تنهنجي سچائيءَ جي جاءِ کي سڀاڳو ڪندو.
7۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.
8ڇالاءِ جو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڳئين زماني کان پڇا ڪر، ۽ جيڪي هن جي ابن ڏاڏن ڳولي لڌو آهي تنهن تي عمل ڪر:
9(ڇالاءِ جو اسين رڳو ڪالهوڪا آهيون ۽ ڪجهہ نٿا ڄاڻون؟ هن ڪري جو اسان جا ڏينهن زمين تي هڪڙو پاڇو آهن:)
10اهي توکي نہ سيکاريندا ۽ نہ چوندا ڇا، ۽ پنهنجي دل مان لفظ نہ ڪڍندا ڇا؟
11ڪو ڪانو گپ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟ بانس جو ڪانو ڪو پاڻيءَ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟
12جيسين اهو اڃا سائو آهي ۽ وڍيو نہ ويو آهي، تہ بہ اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي ڪومائجي وڃي ٿو.
13جيڪي خدا کي وسارين ٿا تن سڀني جا رستا اهڙا ئي آهن؛ ۽ بي دين ماڻهوءَ جي اُميد نابود ٿي ويندي:
14جنهن جو ويساهہ ويندو رهندو ۽ جنهن جو اعتبار ڪوريئڙي جي ڄار آهي.
15هو پنهنجي گهر تي ٽيڪ ڏيندو، پر اهو نہ بيهندو: هو انهيءَ کي قابو جهلي بيهندو پر اهو جٽاءُ نہ ڪندو.
16هو سج جي اڳيان سائو آهي، ۽ هن جون شاخون هن جي باغ ڏي وڃن ٿيون.
17هن جون پاڙون ڍير ۾ ويڙهيل آهن، ۽ هو پٿرن جي جاءِ ڏسي ٿو.
18جيڪڏهن هو پنهنجي جاءِ تان ناس ٿي ويندو، تہ اها هنجو انڪار ڪندي ۽ چوندي تہ مون توکي ڪونہ ڏٺو آهي.
19ڏس هيءَ هن جي راهہ جي خوشي آهي، ۽ مٽيءَ مان ٻيا ڦٽي نڪرندا.
20ڏس، خدا سچي ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي هو شرارت ڪندڙن کي قائم رکندو.
21هو اڃا بہ تنهنجو وات کل سان ڀريندو، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان.
22جيڪي توکي ڌڪارين ٿا سي شرم سان ڍڪجي ويندا، ۽ شريرن جو تنبو نابود ٿي ويندو.
Currently Selected:
ايوب 8: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.