YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 7

7
1ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟
2جيئن ڪو ٻانهو ڏاڍي شوق سان ڇانوَ جو ڳولائو هجي، ۽ جيئن ڪو مزور پنهنجي مزوري لاءِ آيو هجي:
3تيئن مون کي اجايا مهينا ورثي ۾ ڏنا اٿن، ۽ تڪليف جهڙيون راتيون منهنجي لاءِ مقرر ڪيون اٿن.
4جڏهن آءٌ سمهندو آهيان تڏهن چوندو آهيان تہ ڪڏهن وري اُٿندس؟ پر رات ڊگهي آهي، ۽ آءٌ پرهہ ڦٽي تائين رڳو پيو اُٿلندو پٿلندو آهيان.
5منهنجو بت ڪينئن ۽ مٽيءَ جي ڳوڙهن سان ڍڪيو پيو آهي؛ منهنجي کل پورجيو وڃي ٿي ۽ وري نئين سر ڦٽيو ڦاٽيو پوي.
6منهنجا ڏينهن ڪوريءَ جي نڙي کان بہ تکا آهن، ۽ اُميد کانسواءِ گذريو وڃن.
7اڙي، ياد ڪريو تہ منهنجي حياتي هوا وانگر آهي: منهنجي اک وري چڱائي نہ ڏسندي.
8جيڪو مون کي ڏسي ٿو، تنهن جي اک وري مون کي نہ ڏسندي. تنهن جون اکيون مون تي هونديون پر آءٌ ڪونہ هوندس.
9جيئن ڪو ڪڪر کپيو گم ٿيو وڃي، تيئن جيڪو هيٺ قبر ۾ ٿو وڃي سو وري مٿي نٿو اچي.
10اهو پنهنجي گهر وري موٽي نہ ايندو، ۽ نہ سندس جاءِ کيس وري سڃاڻيندي.
11تنهنڪري آءٌ پنهنجو وات ڪين روڪيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي رنج ۾ ڳالهائيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ ۾ دانهن ڪندس.
12آءٌ ڪو سمنڊ يا مانگرمڇ آهيان ڇا، جو تون مون تي پهرو ويهارين ٿو.
13جڏهن آءٌ چوان تہ منهنجو هنڌ مون کي آرام ڏيندو ۽ منهنجو بستر منهنجي دانهن لاهيندو؛
14تڏهن تون مون کي خوابن سان ڊيڄارين ٿو ۽ رويائن سان خوف ڏيارين ٿو:
15جنهنڪري منهنجو روح گهٽجي مرڻ پسند ٿو ڪري، ۽ هنن منهنجن هڏن کان موت پسند ٿو ڪري.
16آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ آءٌ هميشہ جيئڻ نٿو گهران، مون کي ڇڏي ڏي ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن اجايا آهن.
17ماڻهو ڇا آهي جو تون انهيءَ کي پڏائين ٿو، ۽ انهيءَ سان پنهنجي دل ٿو لائين.
18۽ ڏهاڙي صبح جو انهيءَ کي ڏسڻ وڃين ٿو، ۽ هر وقت انهيءَ جي آزمائش وٺين ٿو؟
19ڪيستائين تون مون کان منهن ڦيرائي ٻئي پاسي نہ نهاريندين، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي نہ ڏيندين تہ پنهنجي ٿُڪ ڳهي وڃان؟
20مون گناهہ ڪيو آهي، تہ اي ماڻهن جا سنڀاليندڙ، آءٌ توکي ڇا ڪريان؟ ڇو تو مون کي پنهنجي لاءِ هڪڙو نشان ٺهرايو آهي. جنهن ڪري آءٌ پاڻ تي بار ٿي پيو آهيان؟
21۽ ڇالاءِ تون منهنجو قصور معاف نٿو ڪرين، ۽ منهنجو گناهہ پاسي ڪري نٿو ڇڏين؟ ڇالاءِ جو آءٌ هيٺ مٽيءَ ۾ وڃي سمهندس، ۽ تون مون کي گهڻو ئي ڳولهيندين پر آءٌ ڪونہ هوندس.

Currently Selected:

ايوب 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in