YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 10

10
1منهنجو روح منهنجي حياتيءَ کان بيزار آهي ۽ آءٌ پنهنجي فرياد آزاديءَ سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي ڏکي روح سان ڳالهائيندس.
2آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟
3اهو ڪو تنهنجي لاءِ چڱو آهي ڇا تہ تون ظلم ڪرين، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم کي ڌڪارين، ۽ شريرن جي صلاح مصلحت کي روشن ڪرين؟
4توکي جسماني اکيون آهن ڇا يا تون ماڻهوءَ وانگر ڏسين ٿو ڇا؟
5تنهنجا ڏينهن ڪي ماڻهوءَ جي ڏينهن جهڙا آهن ڇا، يا تنهنجا ورهيہ ڪي ماڻهوءَ جي ورهين جهڙا آهن ڇا؟
6جو تون منهنجن ڏوهن جي جاچ ٿو ڪرين، ۽ منهنجن گناهن جي ڳولا ٿو ڪرين،
7جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ شرير نہ آهيان؛ ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي جو تنهنجي هٿان ڇڏائي سگهي؟
8تنهنجن هٿن چوڌاري گڏي مونکي جوڙيو آهي ۽ بنايو آهي؛ تڏهن بہ تون مونکي ناس ڪرين ٿو.
9آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ياد ڪر تہ تو مون کي ڳوهيل مٽيءَ وانگر جوڙيو آهي؛ ۽ وري مونکي خاڪ ۾ آڻي وجهندين ڇا؟
10تو مون کي کير وانگر اوتي نہ ڇڏيو آهي ڇا، ۽ پنير وانگر نہ ڄمايو اٿيئي ڇا؟
11تو مون کي کل ۽ ماس سان ڍڪيو آهي، ۽ هڏن ۽ نسن سان ڳنڍي ڍڪيو اٿيئي.
12تو مون کي حياتي ۽ مهرباني عطا ڪئي آهي، ۽ تنهنجي حضوريءَ منهنجو روح بچايو آهي.
13انهيءَ هوندي بہ اهي ڳالهيون تو پنهنجي دل ۾ لڪايون؛ مون کي خبر آهي تہ اهو تنهنجو ڪم آهي:
14جيڪڏهن آءٌ گناهہ ٿو ڪريان تہ تون مون کي سهي ڪري وٺين ٿو، ۽ مون کي پنهنجي ڏوهہ کان آزاد ڪري نہ ڇڏيندين.
15جي آءٌ شرير هوندس تہ منهنجي حال تي افسوس آهي؛ ۽ جي آءٌ سچو هوندس تہ بہ آءٌ پنهنجو منهن مٿي نہ کڻندس؛ جو شرمندگيءَ سان ڀريل آهيان، ۽ پنهنجي مصيبت تي نظر اٿم.
16۽ جي منهنجو ڪنڌ پاڻ کي مٿي ڪري ٿو، تہ تون شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهيو پوين: ۽ وري عجيب طرح مون کي پاڻ ڏيکارين ٿو.
17تون نئين سر پنهنجا شاهد منهنجي برخلاف پيدا ڪرين ٿو، ۽ پنهنجي ڪاوڙ مون تي وڌائين ٿو؛ نوان لشڪر مون تي چڙهي ٿا اچن.
18تڏهن ڇو تو ماءُ جي پيٽ مان مون کي ٻاهر آندو آهي؟ آءٌ ساهہ ڏيان ها، تہ ڪنهن بہ اک مون کي نہ ڏٺو هجي ها.
19آءٌ اهڙو هجان ها جهڙو ڄڻ تہ هوس ئي ڪونہ؛ آءٌ جيڪر ماءُ جي پيٽ مان ئي قبر ۾ کڄي وڃان ها.
20منهنجا ڏينهن ٿورا نہ آهن ڇا؟ تڏهن بس ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي تہ آءٌ ٿورو آرام ڪريان.
21جو پوءِ آءٌ اوڏي ويندس جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ واري ۽ موت جي پاڇي واري زمين ۾ ويندس؛
22جنهن زمين ۾ اونداهي بلڪ گهاٽي اونداهي آهي، ۽ جنهن زمين ۾ موت جو پاڇو بي ترتيب آهي، ۽ جتي سوجهرو اونداهيءَ جهڙو آهي.

Currently Selected:

ايوب 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in