YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 6

6
1تڏهن ايوب ورندي ڏئي چيو تہ،
2اڙي جي منهنجو رنج رڳو تورڻ ۾ اچي، ۽ منهنجي مصيبت ساهميءَ ۾ گڏ رکي وڃي تہ ڪهڙو نہ چڱو!
3ڇالاءِ جو اهو سمنڊن جي واريءَ کان بہ ڳرو ٿي ويندو، تنهنڪري منهنجي ڳالهہ اُٻري ٿي پيئي آهي.
4ڇالاءِ جو قادر مطلق جا تير منهنجي اندر ۾ چُڀيل آهن، جن جو زهر منهنجو روح پيو پيئي: خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي سامهون قطار ٻڌي بيهن ٿيون.
5جڏهن خچر کي گاهہ آهي تڏهن هو هينگي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڏاند پنهنجي چاري تي رنڀي ٿو ڇا؟
6جنهن ۾ ڪابہ لذت ڪانهي، سا لوڻ کان سواءِ کائبي آهي ڇا؟ يا بيدي جي اڇاڻ ۾ ڪو سواد آهي ڇا؟
7منهنجو روح انهن کي ڇهڻ کان انڪار ڪري ٿو؛ اهي منهنجي لاءِ نفرت جهڙو کاڌو آهن.
8اڙي، جي منهنجو مطلب پورو ٿئي، ۽ جنهن شيءِ جي لاءِ آءٌ خواهشمند آهيان سا جيڪر خدا مون کي ڏئي!
9شل خدا جي مرضي ٿئي تہ مون کي چپي ڇڏي، ۽ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري مونکي اصل وڍي ڦٽو ڪري!
10تڏهن بہ جيڪر مونکي دلاسو ٿئي، هائو، جيڪو سور مون کي نٿو ڇڏي، تنهن ۾ بہ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان، ڇالاءِ جو مون انهيءَ پاڪ وجود جو ڪلام رد نہ ڪيو آهي.
11مون ۾ ڪهڙي طاقت آهي جو ترسي ويهان؟ ۽ منهنجي پڇاڙي ڪهڙي آهي جو آءٌ صبر ڪريان؟
12منهنجي طاقت ڪا پٿرن جي طاقت آهي ڇا؟ يا منهنجو بت ڪو پتل جو آهي ڇا؟
13ائين نہ آهي ڇا تہ مون کي ڪو بہ چارو ڪونهي، ۽ اثر واري ڪم ڪرڻ جي طاقت مون مان بلڪل نڪري ويئي آهي؟
14جيڪو ماندي ٿيڻ تي آهي تنهن جي لاءِ سندس دوست کي مهرباني ڏيکارڻ لازم آهي، انهي لاءِ بہ جو قادر مطلق جو خوف ڇڏي ڏئي ٿو.
15منهنجن ڀائرن هڪڙيءَ نهر وانگر ٺڳي ڪئي آهي، بلڪ انهن بيانن جي نهرن، وانگر، جي سڪي ٿيون وڃن.
16جي نهرون برف جي ڪري ڪاريون آهن، جن ۾ برف لڪي پيئي آهي،
17جنهن وقت اهي گرم ٿين ٿيون، انهيءَ وقت گم ٿيو وڃن: جڏهن گرمي ٿئي ٿي تڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان نڪريو کپيو وڃن.
18جيڪي قافلا سندن پاسي کان لنگهن ٿا سي ڦري پاسو ڪن ٿا، هو سڃ ڏانهن وڃي ناس ٿيو وڃن.
19تيما جي قافلن نهاريو، ۽ سبا جون ٽوليون انهن جي لاءِ منتظر ٿي ويٺيون.
20اهي شرمندا ٿيا آهن، ڇالاءِ جو انهن اُميد رکي هئي، اهي اتي آيا ۽ سندن متيون منجهي ويون.
21ڇالاءِ جو اوهين هاڻي ڪي ڪين آهيو؛ اوهين خوف ڏسو ٿا ۽ ڊڄو ٿا.
22مون ڪو چيو ڇا تہ ڪجهہ مون کي ڏيو؟ يا پنهنجي مال ملڪيت مان ڪا سوکڙي مون کي ڏيو؟
23يا مون کي دشمن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟
24مون کي سيکاريو تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان: ۽ جن ڳالهين ۾ مون ڀل ڪئي هجي سي مون کي سمجهايو.
25سچائيءَ جو ڪلام ڪهڙو نہ زور ڀريو آهي! پر اوهانجي حجت ڪنهن کي ٿي فهمائش ڪري؟
26اوهان جو اهو خيال آهي ڇا تہ ڳالهين جي فهمائش ڏجي؟ ڇالاءِ جو جيڪو اُميد ڇڏي ٿو، تنهن جون ڳالهيون هوا جهڙيون آهن.
27هائو، اوهين يتيمن تي ڪڻا وجهڻ ٿا گهرو، ۽ پنهنجي دوست کي واپاري مال بنائي واپار ٿا ڪريو.
28تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري مون ڏي نهاريو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي منهن تي ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس.
29آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ موٽي وڃو، ڪابہ بي انصافي ٿيڻ نہ ڏيو، هائو، موٽي وڃو منهنجي دعويٰ سچي آهي.
30منهنجي زبان تي ڪا بي انصافي آهي ڇا؟ مون کي چکڻ سان نقصان وارين شين جي خبر پئجي نٿي سگهي ڇا؟

Currently Selected:

ايوب 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in