YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 5

5
1هاڻي سڏ ڪر؛ آهي ڪو جو توکي جواب ڏئي؟ ۽ پاڪ شخصن مان ڪهڙي ڏانهن تون ڦرندين؟
2ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.
3مون بي عقل ماڻهوءَ کي پاڙ هڻندو ڏٺو آهي: پر اوچتو مون هن جي رهڻ جي جاءِ کي لعنت ڪئي.
4هن جا ٻار سلامتيءَ کان پري آهن، ۽ اُهي دروازي ۾ چپيا پيا آهن، ۽ ڪو بہ هنن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.
5هن جي فصل جي پيدائش بکايل کائي ٿو، ۽ انهي کي ڪنڊن مان ڪڍي وٺي ٿو، ۽ هن جي مال ملڪيت کي ڳڙڪائڻ لاءِ اُڃايل وات پٽيو ويٺو آهي.
6ڇالاءِ جو مصيبت مٽيءَ مان نٿي نڪري، نڪي تڪليف زمين مان اُڀري ٿي؛
7پر ماڻهو تڪليف جي لاءِ ڄائو آهي، جيئن ڪي چڻنگون مٿي اُڏامنديون آهن.
8پر آءٌ خدا کي ڳولڻ ٿو گهران، ۽ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪرڻ ٿو گهران:
9جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن:
10جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:
11اهڙو جو جيڪي هيٺ آهن تن کي مٿي ويهاري ٿو، ۽ جيڪي ڏک ڪن ٿا سي چڙهي وڃي سلامتيءَ کي پهچن ٿا.
12هو ٺڳن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هنن جا هٿ پنهنجا رٿيل ڪم ڪري نٿا سگهن.
13هو ڏاهن کي خود سندن هوشياريءَ ۾ پڪڙي ٿو، ۽ ڏنگن جي صلاح مصلحت اونڌي ڪري ڇڏي ٿو.
14هنن کي ڏينهن جي وقت اونداهي اچي گڏجي ٿي، ۽ ٻن پهرن جو هو ائين هٿوراڙيون ٿا هڻن، جيئن رات جو هڻبيون آهن.
15پر هو گهرج وارن کي سندن وات جي ترار کان، بلڪ زور وارن جي هٿ کان بچائي ٿو:
16تنهنڪري غريب کي اُميد آهي، ۽ بي انصافي پنهنجو وات بند ڪري ٿي.
17ڏس، سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن کي خدا تاب ٿو ڏئي: تنهنڪري قادر مطلق جي سيکت کي نہ ڌڪار.
18ڇالاءِ جو هو زخمي ڪري ٿو، ۽ پٽي ٻڌي ٿو، هو ڦٽي ٿو، ۽ هن جا هٿ ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿا ڪن.
19هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.
20ڏڪار ۾ هو توکي موت کان ڇڏائيندو، ۽ جنگ ۾ ترار جي طاقت کان.
21تون زبان جي چهبڪ کان لڪي ويندين، نڪي جڏهن ناس ٿيڻ جو وقت ايندو تڏهن انهيءَ کان ڊڄندين.
22موت ۽ ڏڪار تي تون کلندين، نڪي تون زمين جي جانورن کان ڊڄندين. 23ڇالاءِ جو تون ميدان جي پٿرن سان ٻڌيءَ ۾ هوندين، ۽ جنگ جا مرون تو سان صلح ۾ هوندا.
24۽ تون ڄاڻيندين تہ تنهنجو تنبو سلامتيءَ ۾ آهي؛ ۽ تون پنهنجو واڙو اچي ڏسندين تہ ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي.
25تون اهو بہ ڄاڻيندين تہ تنهنجو اولاد وڏو ٿيندو، ۽ تنهنجو اولاد زمين جي گاهہ جيترو ٿيندو.
26تون وڏيءَ عمر ۾ پنهنجي قبر ۾ ايندين، جيئن ڪ اَن جو گڏو پنهنجي پوري وقت تي ايندو آهي.
27هي ڏس، اسان انهيءَ جي ڳولا ڪئي آهي، ۽ ائين ئي آهي؛ اُهو ٻڌ، ۽ اُهو پنهنجي چڱائيءَ جي لاءِ ڄاڻ.

Currently Selected:

ايوب 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in