ايوب 4
4
1تڏهن اليفز تيمانيءَ، ورندي ڏيئي چيو تہ،
2جيڪڏهن ڪو تو سان ڪوشش ڪري گفتگو ڪري، تہ تون رنج ٿيندين ڪيئن؟ پر ڪير پاڻ کي ڳالهائڻ کان روڪي سگهندو؟
3ڏس تو گهڻن کي تعليم ڏني آهي ۽ ضعيف هٿن کي مضبوط ڪيو اٿيئي.
4تنهنجي ڪلام انهي کي جهلي ورتو آهي جو ڪرڻ تي هو، ۽ تو ضعيف گوڏن کي مضبوط ڪيو آهي.
5پر هاڻي اهو حال توتي آيو آهي، ۽ تون ماندو ٿو ٿين؛ اهو توکي ڇهي ٿو، ۽ توکي تڪليف ٿي رسي.
6توکي جيڪو خدا جو ڊپ آهي سو تنهنجو ڀروسو ناهي ڇا، ۽ تنهنجن رستن جي سچائي تنهنجي اُميد ناهي ڇا؟
7آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ ياد رک، تہ بي گناهہ بہ ڪڏهن ڪو ناس ٿيو آهي؟ يا سچار بہ ڪٿي وڍجي ويا آهن ڇا؟
8جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا.
9خدا جي دم سان هو چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ انجي ڪاوڙ جي جهوٽي سان هو مري کپي وڃن ٿا.
10شينهن جي گجگوڙ، ۽ خوفناڪ شينهن جو آواز، ۽ ننڍن شينهن جا ڏند ڀڄي پيا آهن.
11ٻڍو شينهن شڪار نہ ملڻ ڪري مري ٿو، ۽ شينهڻ جا ٻچا پري پکڙي ويا آهن.
12هاڻي هڪڙي ڳالهہ ڳجهيءَ طرح مون وٽ آندي ويئي، ۽ منهنجي ڪن انهيءَ جو ڀڻڪو ٻڌو.
13رات جي رويائن جي خيالن جي وچ ۾، جڏهن ماڻهن تي گهاٽي ننڊ غالب ٿئي ٿي،
14تڏهن مونکي ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جنهنڪري منهنجا سڀ هڏا ڏڪڻ لڳا.
15تڏهن هڪڙو روح منهنجي منهن جي اڳيان اچي لنگهيو؛ منهنجي بت جا وار کڙا ٿي بيٺا.
16اهو ماٺ ڪري بيٺو، پر انهيءَ کي آءٌ چٽيءَ طرح ڏسي نہ سگهيس؛ فقط هڪڙي شڪل منهنجن اکين اڳيان هئي، ماٺ لڳي پيئي هئي، ۽ مون هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ،
17فاني انسان بہ ڪو خدا کان وڌيڪ انصاف وارو ٿيندو ڇا؟ ماڻهو پنهنجي خالق کان ڪو وڌيڪ پاڪ ٿيندو ڇا؟
18ڏس، هو پنهنجن ٻانهن ۾ ڪو بہ ويساهہ نٿو رکي؛ ۽ پنهنجن فرشتن کي هو بي عقليءَ جي تهمت ٿو ڏئي:
19تنهنجو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو حال هوندو، جيڪي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهن ٿا، جن جو بنياد خاڪ آهي، جي پتنگ وانگر چپجي ٿا پون!
20صبح ۽ شام جي وچ ۾ هو ناس ٿي وڃن ٿا: هو هميشہ لاءِ چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪو بہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.
21هنن جي تنبوءَ جو رسو سندن اندر ۾ پٽجي نہ پيو آهي ڇا؟ هو ڏاهپ کان سواءِ مري وڃن ٿا.
Currently Selected:
ايوب 4: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.