YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 3

3
1تنهن کان پوءِ ايوب پنهنجو وات پٽيو ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي پٽڻ لڳو.
2۽ ايوب ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ:
3جنهن ڏينهن آءٌ ڄائو هوس سو ڀلي تہ ناس ٿي وڃي، ۽ اها رات بہ جنهن ۾ چيو ويو تہ ڪو پٽ ڄائو آهي.
4ڀلي تہ اُهو ڏينهن اونداهي ٿئي؛ ڀلي تہ خدا مٿان انهيءَ تي ڌيان نہ ڏئي، ۽ نہ روشنائي انهيءَ تي چمڪي.
5ڀلي تہ اونداهي ۽ موت جو پاڇو انهيءَ کي پنهنجو ڪن؛ ڀلي تہ انهيءَ تي ڪڪر ڇانيل رهي؛ ڀلي تہ جيڪي ڏينهن کي ڪارو ٿو ڪري سو انهيءَ کي ڊيڄاري.
6۽ انهيءَ رات کي بہ ڀلي تہ اونداهي مٿان اچي پڪڙي: ڀلي تہ اها سال جي ڏينهن ۾ خوشي نہ ڪري؛ ڀلي تہ اها مهينن جي شمار ۾ نہ اچي.
7ڏس، ڀلي تہ اها رات سڃي سکڻي ٿئي؛ ڀلي تہ انهي ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي.
8جيڪي انهيءَ ڏينهن تي لعنت وجهن ٿا سي انهيءَ تي بہ لعنت وجهن، يعني اُهي جي واڳونءَ کي جاڳائڻ لاءِ تيار آهن.
9ڀلي تہ انهيءَ جي شفق جا تارا بہ ڪارا ٿين؛ ڀلي تہ اُها روشنائيءَ جي لاءِ نهاري پر اها نہ مليس؛ نڪي اها صبح جي ڇپرن کي ڏسي:
10ڇالاءِ جو انهيءَ منهنجي ماءُ جي پيٽ جا دروازا بند ڪري نہ ڇڏيا، ۽ نہ سور منهنجن اکين کان لڪايائين
11ڇالاءِ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نہ مئس؟ ڇالاءِ جڏهن آءٌ پيٽ مان نڪتس تڏهن ساهہ نہ ڏنم؟
12ڇالاءِ گوڏن مون کي پاڻ تي ويهارڻ قبول ڪيو؟ يا ڇالاءِ ڇاتين قبول ڪيو تہ آءٌ کير پيان؟
13ڇالاءِ جو هينئر جيڪر آءٌ هيٺ ليٽيو پيو هجان ها ۽ ماٺ ۾ هجان ها: آءٌ ننڊ پيو ڪريان ها ۽ آرام ۾ هجان ها:
14زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛
15يا انهن اميرن سان جن وٽ سون هو، جن پنهنجا گهر چانديءَ سان ڀري ڇڏيا:
16يا لڪل ڪچي ويم وانگر آءٌ نہ هجان ها؛ انهن ٻارن وانگر جي ڪڏهن بہ روشنائي نٿا ڏسن.
17اتي شرير ماڻهو تڪليف پهچائڻ کان بس ٿا ڪن؛ ۽ اتي ٿڪل ماڻهو آرام ٿا وٺن.
18اتي قيدي گڏ فرحت ۾ ٿا گذارين؛ اهي ڪم وٺندڙ مقدم جو آواز نٿا ٻڌن.
19ننڍا توڙي وڏا اتي آهن؛ ۽ ٻانهو پنهنجي ڌڻيءَ کان آزاد آهي.
20جيڪو ڏک ۾ آهي تنهن کي ڇو روشنائي ڏني ٿي وڃي، ۽ جنهن جو روح کٽو آهي تنهن کي ڇو حياتي ڏني ٿي وڃي؛
21جي موت جي لاءِ منتظر آهن، پر موت نٿو اچي؛ ۽ اهي انهيءَ جي لاءِ ايترو ڳولي کوٽين ٿا جو لڪل خزانن جي لاءِ بہ نٿا کوٽين؛
22جي نهايت شادمان ٿا ٿين، ۽ خوشي ٿا ڪن، جڏهن هو قبر کي لهن ٿا.
23جنهن ماڻهوءَ جو رستو لڪل آهي تنهن کي روشني ڇو ٿي ڏيڻ ۾ اچي؟ ۽ جن کي خدا چوڌاري لوڙهو ڏيئي بند ڪري ڇڏيو آهي،
24ڇالاءِ تہ منهنجي کاڌي جي لاءِ آهون آهن، ۽ منهنجو رڙيون پاڻيءَ وانگر وهن ٿيون.
25ڇالاءِ جو جنهن شيءِ کان آءٌ ڊڄان ٿو سا مون تي اچي ٿي، ۽ جنهن شيءِ کان مونکي ڊپ ٿو ٿئي سا مون ڏانهن اچي ٿي.
26آءٌ سک ۾ ڪين آهيان، نڪي ماٺ ۾ آهيان، نڪو آرام اٿم؛ پر ڏک اچي ٿو.

Currently Selected:

ايوب 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in