ايوب 2
2
1وري بہ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، ۽ شيطان بہ انهن سان گڏ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيو. 2۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تي هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان. 3۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تو منهنجي ٻانهي ايوب جي بابت ڪو ويچار ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ٻيو ڪونهي، اهڙو جو خدا کان ڊڄي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري: ۽ هو اڃا تائين پنهنجي سچائي وٺيو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي انهيءَ جي برخلاف چوريو، تہ بي سبب هن کي ناس ڪريان. 4تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، کل جي بدران کل، بلڪ جيڪي بہ ڪنهن انسان وٽ آهي سو هو پنهنجي حياتيءَ جي عيوض ڏيندو. 5پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن جي هڏ ۽ ماس کي ڇهہ، تہ پوءِ هو پاڻيهي توکي تنهنجي منهن تي ڇڏي ڏيندو. 6۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، هو تنهنجي هٿ ۾ آهي؛ رڳو هن جي حياتي بچيل رهي. 7تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو، ۽ ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين سخت ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين. 8۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙي ٺڪري کنئي، جنهن سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو؛ ۽ هو خاڪ ۾ ويٺو هوندو هو. 9تڏهن سندس زال چيس تہ، اڃا بہ تون پنهنجي سچائيءَ تي قابو رهندين ڇا؟ خدا کي ڇڏي ڏي ۽ مري وڃ. 10پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو.
11هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن انهيءَ سڄيءَ خرابيءَ جو ذڪر ٻڌو، تڏهن انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تان آيو؛ اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتي: ۽ انهن گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو تہ اچي هن سان ڏک ونڊين، ۽ هنکي تسلي ڏين. 12۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون. 13پوءِ ست ڏينهن ۽ ست راتيون هن وٽ ويهي رهيا، ۽ منجهائن هڪڙي بہ هن سان ڪجهہ ڪين ڳالهايو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ هنکي تمام وڏو اهنج هو.
Currently Selected:
ايوب 2: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.