هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن انهيءَ سڄيءَ خرابيءَ جو ذڪر ٻڌو، تڏهن انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تان آيو؛ اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتي: ۽ انهن گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو تہ اچي هن سان ڏک ونڊين، ۽ هنکي تسلي ڏين. ۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون. پوءِ ست ڏينهن ۽ ست راتيون هن وٽ ويهي رهيا، ۽ منجهائن هڪڙي بہ هن سان ڪجهہ ڪين ڳالهايو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ هنکي تمام وڏو اهنج هو.