تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اگهاڙو آيس، ۽ وري بہ اوڏي اُگهاڙو موٽي ويندس: خداوند ڏنو، ۽ خداوند موٽائي ورتو آهي؛ شل خداوند جو نالو برڪت وارو هجي. انهيءَ سڀ ۾ ايوب گناهہ نہ ڪيو، نڪي بي عقلي ڪري خدا کي مهڻو ڏنائين.