ايوب 11
11
1پوءِ ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:
2گهڻين ڳالهين جو جواب نہ ڏجي ڇا؟ ۽ گهڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجهيو ويندو ڇا؟
3تنهنجون ٻٽاڪون ٻڌي ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گهرجي ڇا؟ ۽ جڏهن تون چرچا ڪرين تڏهن ڪو ماڻهو توکي شرمندو نہ ڪري ڇا؟
4ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ منهنجي تعليم پاڪ آهي، ۽ آءٌ تنهنجي نظر ۾ صاف آهيان.
5پر ڪهڙو نہ چڱو ٿئي جي خدا ڳالهائي ۽ پنهنجا چپ تنهنجي برخلاف کولي؛
6۽ پنهنجي حڪمت جا ڳجهہ توکي ڏيکاري تہ اها پوري طرح ڪم ڪرڻ ۾ گهڻن قسمن جي آهي! تنهنڪري ڄاڻ تہ جيترو حساب تنهنجي ڏوهہ جو لائق آهي تنهن کان گهٽ خدا توکان وٺي ٿو.
7تون ڳولڻ سان ڪو خدا کي لهندين ڇا؟ تون ڪو قادر مطلق کي ڪامل طرح معلوم ڪري سگهندين ڇا؟
8اها ڳالهہ آسمان جهڙي مٿانهين آهي؛ تون ڇا ڪري سگهندين؟ قبر کان بہ اونهي آهي؛ تون ڇا ڄاڻي سگهندين؟
9انهيءَ جي ماپ زمين کان ڊگهي آهي، ۽ سمنڊ کان ويڪري آهي.
10جيڪڏهن هو انهيءَ مان لنگهي بند ڪري ڇڏي، ۽ عدالت لاءِ سڏي تہ پوءِ ڪير هنکي روڪي سگهندو؟
11ڇالاءِ جو هو بيهودن ماڻهن کي سڃاڻي ٿو: هو گناهہ ڏسي ٿو، اگرچہ انهيءَ کي خيال ۾ نہ بہ آڻجي.
12پر بيهودو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي؛ هائو، انسان خچر جي ٻچي وانگر ڄمي ٿو.
13جيڪڏهن تون پنهنجي دل سنئين رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏي ڊگهيريندين
14جيڪڏهن گناهہ تنهنجي هٿ ۾ هجي تہ اُهو اُڇلائي ڇڏ، ۽ شرارت کي پنهنجي تنبن ۾ رهڻ نہ ڏي.
15پوءِ يقين آهي تہ تون پنهنجو منهن داغ کان سواءِ مٿي ڪندين؛ هائو، تون قائم رهندين ۽ ڊڄندين ڪين:
16ڇالاءِ جو تون پنهنجي مصيبت کي وساري ڇڏيندين؛ تون انهيءَ کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين:
17۽ تنهنجي حياتي ٻن پهرن کان بہ زيادہ روشن ٿيندي؛ اونداهيءَ هوندي بہ اُها صبح جهڙي ٿيندي.
18۽ تون امن ۾ هوندين، ڇالاءِ تہ اُميد آهي؛ هائو، تون پنهنجي آس پاس ڳولا ڪندين ۽ صحيح سلامت وڃي آرام وٺندين.
19تون وڃي سمهي رهندين ۽ ڪوبہ توکي نہ ڊيڄاريندو؛ هائو، گهڻيئي توکي عرض ڪندا.
20پر شرير جون اکيون انڌيون ٿينديون ۽ انهن کي ڀڄڻ جو رستو ڪونہ ملندو، ۽ انهن جي اُميد رڳي اها هوندي تہ پنهنجو ساهہ ڇڏين.
Currently Selected:
ايوب 11: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.