YouVersion Logo
Search Icon

ايوب 12

12
1تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:
2انهي ۾ شڪ ڪونهي تہ اوهين اهي ماڻهو آهيو ۽ ڏاهپ اوهان سان گڏ مري ويندي.
3پر مون کي بہ اهڙي سمجهہ آهي جهڙي اوهان کي آهي؛ آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان: هائو، ڪير ههڙين شين کي نٿو ڄاڻي؟
4آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.
5جيڪو آرام ۽ سک ۾ آهي تنهن جي خيال ۾ مصيبت جي لاءِ نفرت آهي؛ اها انهن جي لاءِ تيار آهي جن جو پير ترڪي ٿو.
6چورن جا تنبو آسائش ۾ آهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن؛ انهن جي هٿن ۾ خدا گهڻو ئي موجود ڪري ڏئي ٿو.
7هاڻي تون جانورن کان پڇ تہ هو توکي سيکارين؛ ۽ هوا جي پکين کان پڇ تہ هو توکي ٻڌائين:
8يا زمين سان ڳالهاءِ تہ اُها توکي سيکاري، ۽ سمنڊ جي مڇين کان پڇ تہ اهي توکي بيان ڪري ٻڌائين.
9انهن سڀني ۾ ڪير نٿو ڄاڻي تہ خداوند جي هٿ ائين ڪيو آهي؟
10جنهن جي هٿ ۾ سڀ ڪنهن سان واري شيءِ جو روح آهي، ۽ ساري آدم ذات جو پساهہ آهي.
11ڪَن لفظن جي آزمائش نٿو وٺي ڇا، جهڙيءَ طرح تارون پنهنجو کاڌو چکي ٿو؟
12ڏاهپ ٻڍن ماڻهن وٽ آهي، ۽ سمجهہ وڏيءَ عمر ۾ آهي.
13هن وٽ ڏاهپ ۽ طاقت آهي؛ هن وٽ مشورت ۽ سمجهہ آهي.
14ڏس، هو ڊاهي ٿو تہ اهو وري اڏجي نٿو سگهي؛ هو ڪنهن ماڻهوءَ کي بند ڪري ٿو تہ اهو کلي نٿو سگهي.
15ڏس، هو پاڻيءَ کي روڪي ٿو تہ پاڻي سڪيو وڃي؛ وري هو انهيءَ کي روانو ڪري ٿو تہ اُهو زمين کي ريج ڪيو ڇڏي.
16هن وٽ زور ۽ پوري ڪم ڪرڻ جي تجويز آهي؛ ٺڳيل ۽ ٺڳيندڙ هن جا آهن.
17هو صلاحڪارن کي ڦري لٽي قيد ٿو ڪري، ۽ منصفن کي هو بي عقل ڪري ٿو.
18هو بادشاهن جو بند کولي ٿو، ۽ انهن جي چيلهہ تي ڪمربند ٻڌي ٿو.
19هو ڪاهنن کي ڦري لٽي قيد ڪري ٿو، ۽ زور وارن کي اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.
20هو اعتبار وارن جو ڳالهائڻ بند ڪري ٿو، ۽ بزرگن جي سمجهہ ڪڍي ڇڏي ٿو.
21هو اميرن تي حقارت هاري وجهي ٿو، ۽ طاقت وارن جو ڪمربند کولي ٿو.
22هو اونداهيءَ مان اونهيون شيون ڳولي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو.
23هو قومن کي وڌائي ٿو ۽ انهن کي ناس ڪري ٿو: هو قومن کي پري پري پکيڙي ڇڏي ٿو ۽ وري موٽائي آڻي ٿو.
24هو زمين جي قومن جي سردارن جو عقل ڪڍي وٺي ٿو، ۽ اهڙي بيابان ۾ انهن کي گهمائي ٿو جتي ڪو بہ رستو ڪونهي.
25هو روشنائيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻن ٿا، ۽ هو انهن کي نشئيءَ ماڻهوءَ وانگر آٿڙائي ٿو.

Currently Selected:

ايوب 12: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in