ايوب 13
13
1ڏسو، منهنجي اک هي سڀ ڏٺو آهي، منهنجي ڪن اُهو ٻڌو ۽ سمجهيو آهي.
2جيڪي اوهين ڄاڻو ٿا، سو آءٌ بہ ڄاڻان ٿو: آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان.
3يقيناً آءٌ قادر مطلق سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان، ۽ خدا سان بحث ڪرڻ جي خواهش ٿو رکان.
4پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو.
5اڙي جي، اوهين اصل ماٺ ڪري ويهو تہ چڱو! جيڪر اها اوهان جي ڏاهپ هجي.
6هي منهنجو دليل ٻڌو، ۽ منهنجن چپن جي حجتن ڏي ڌيان ڏيو.
7اوهين خدا سان ڪي بڇڙيون ڳالهيون ڪندا ڇا؟ ۽ انهيءَ جي لاءِ ٺڳيءَ جي گفتگو ڪندا ڇا؟
8هن جي طرفداري ڪندا ڇا؟ خدا لاءِ اوهين جهيڙو ڪندا ڇا؟
9اهو ڪو چڱو آهي ڇا تہ هو اوهان جي حقيقت جاچي معلوم ڪري؟ يا جيئن هڪڙو ماڻهو ٻئي کي ٺڳي پيو ائين هن کي ٺڳيندا ڇا؟
10هو ضرور اوهان کي ڇينڀيندو، جيڪڏهن اوهين ڳجهيءَ طرح ماڻهن جي طرفداري ڪندا.
11هن جي وڏائي اوهان کي نہ ڊيڄاريندي ڇا؟ ۽ هن جو خوف اوهان تي نہ پوندو ڇا؟
12اوهان جا ياد رکڻ جهڙا قول خاڪ جا پهاڪا آهن، ۽ اوهان جا مورچا مٽيءَ جا مورچا آهن.
13ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي مون تي اچي سو ڀلي اچي.
14ڇالاءِ آءٌ پنهنجو ماس پنهنجي ڏندن ۾ جهليان، ۽ پنهنجي حياتي پنهنجي هٿ ۾ وجهان؟
15جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس.
16هو منهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو بيدين ماڻهو هن جي اڳيان نہ ايندو.
17ڪوشش ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجو بيان پنهنجي ڪنن تائين پهچڻ ڏيو.
18هاڻي ڏسو مون پنهنجي حقيقت جو احوال ڏنو آهي؛ مون کي خبر آهي تہ آءٌ سچو آهيان.
19ڪير آهي جو مون سان جهيڙو ڪندو؟ ڇالاءِ جو آءٌ ماٺ ڪري ويهندس ۽ ساهہ ڏيندس.
20رڳو ٻہ ڳالهيون مون سان نہ ڪر، پوءِ آءٌ پنهنجو منهن تو کان نہ لڪائيندس:
21پنهنجو هٿ مون کان پري ڪر؛ پنهنجي خوف سان مون کي نہ ڊيڄار.
22پوءِ تون سڏ ڪر ۽ آءٌ جواب ڏيندس؛ يا ڇڏ تہ آءٌ ڳالهايان ۽ تون مون کي ورندي ڏي.
23منهنجا قصور ۽ گناهہ ڪيترا آهن؟ مون کي پنهنجي خطا ۽ پنهنجو گناهہ ڄاڻاءِ.
24تون ڇو ٿو منهن لڪائين، ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهين؟
25تون اُڏايل پن کي ستائيندين ڇا؟ ۽ تون سڪل ٻٿ جي پٺيان پوندين ڇا؟
26ڇالاءِ جو تون منهنجي برخلاف ڪَڙيون ڳالهيون ٿو لکين، ۽ مون کي پنهنجي جوانيءَ جي قصورن جو وارث ٿو ڪرين:
27تون منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهين، ۽ منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏين ٿو؛ تون منهنجن پيرن جي ترين جي چوڌاري ليڪو ڪڍين ٿو؛
28جيتوڻيڪ آءٌ ڪنهن سڙيل ڳريل شيءِ جهڙو آهيان، ۽ جيت کاڌل ڪپڙي جهڙو آهيان.
Currently Selected:
ايوب 13: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.