ايوب 1
1
1عوض جي ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ايوب هو؛ اهو ڪامل ۽ سچو هو، ۽ خدا کان ڊڄندو هو، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندو هو. 2۽ هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. 3هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو. 4۽ هنجا پٽ، هر ڪنهن جي جنم ڏينهن تي، انهيءَ جي گهر ۾ وڃي مجلس ڪندا هئا؛ ۽ پنهنجن ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پياريندا هئا. 5۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.
6هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي آيو. 7۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تان هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان. 8۽ خداوند شيطان کي چيو تہ منهنجي ٻانهي ايوب بنسبت ڪو ويچار ڪيو اٿيئي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ماڻهو ٻيو ڪونهي جو خدا کان ڊڄي، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري. 9تڏهن شيطان کي ورندي ڏيئي چيو تہ ايوب ڪو مفت خدا کان ٿو ڊڄي ڇا؟ 10تو هن جي چوڌاري، ۽ هن جي گهر جي چوڌاري، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سڀ جي چوڌاري، سڀ ڪنهن پاسي کان پناهہ جي لاءِ لوڙهو نہ ڏيئي ڇڏيو آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، ۽ هن جو مال متاع زمين تي وڌي ويو آهي. 11پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن کي ڇهہ، تہ پوءِ پاڻيهي هو تنهنجي منهن تي توکي ڇڏي ڏيندو. 12۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، جيڪي هن وٽ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي؛ رڳو هن جي جان تي تون پنهنجو هٿ نہ کڻج، تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.
13۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿو جڏهن هن جي پٽن منجهان وڏي جي گهر ۾ هنن ويٺي ماني کاڌي ۽ شراب پيتو، 14تہ هڪڙو قاصد ايوب وٽ آيو ۽ اچي چيائينس تہ، ڏاندن هر پئي ڪاهيا، ۽ گڏهہ انهن جي ڀرسان پئي چريا: 15تہ سبا جا ماڻهو ڪاهي اچي انهن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا؛ هائو، انهن تنهنجي نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم. 16۽ اڃا هنن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، خدا جي باهہ آسمان مان ڪري آهي، ۽ رڍن کي ۽ نوڪرن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم. 17اڃا هن ائين ئي پي ڳالهايو تہ، ٻئي بہ هڪڙي اچي چيو تہ ڪسدي ٽي ٽوليون ڪري ڪاهي اچي اُٺن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا آهن، ۽ نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم. 18اڃا هن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، تنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گهر ۾ ماني پئي کاڌي ۽ شراب پئي پيتو. 19تہ ڏس بيابان جي پاسي کان سخت واءُ آيو، ۽ گهر جي چئني ڪنڊن کي اهڙو لڳو جو اهو انهن جوانن تي ڪري پيو ۽ اهي مري ويا؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم. 20تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛ 21۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اگهاڙو آيس، ۽ وري بہ اوڏي اُگهاڙو موٽي ويندس: خداوند ڏنو، ۽ خداوند موٽائي ورتو آهي؛ شل خداوند جو نالو برڪت وارو هجي. 22انهيءَ سڀ ۾ ايوب گناهہ نہ ڪيو، نڪي بي عقلي ڪري خدا کي مهڻو ڏنائين.
Currently Selected:
ايوب 1: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.