يرمياہ 5
5
1اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس. 2۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن. 3اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي. 4تڏهن مون چيو تہ يقيناً اهي غريب آهن: هو بي عقل آهن؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو نٿا ڄاڻن، ۽ نہ پنهنجي خدا جي عدالت ٿا ڄاڻن؛ 5آءٌ وڏن ماڻهن وٽ ويندس ۽ انهن سان ڳالهائيندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو، ۽ پنهنجي خدا جي عدالت ڄاڻن ٿا، پر انهن ٻڌي ڪري پاڃاري ڀڳي آهي ۽ بند ڦوڙيا آهن. 6جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي. 7ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن. 8هو ڍاول گهوڙن جهڙا هئا جي عام رلن ٿا: هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پئي هڻڪيو. 9خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟
10اوهين هن جي ڀتين تي چڙهي وڃو ۽ چٽ ڪريو؛ پر اصلي تباهہ ڪري نہ ڇڏيوس: هن جون ٽاريون وڍي ڇڏيو: ڇالاءِ جو اُهي خداوند جون ناهن. 11خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي. 12هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين: 13۽ نبي هوا ٿي ويندا ۽ ڪلام انهن ۾ ڪونهي: انهن سان اهو حال ڪيو ويندو. 14تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو. 15خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس، آءٌ پري کان اوهان تي هڪڙي قوم آڻيندس: اُها زور واري قوم آهي، ۽ هڪڙي قديم قوم آهي، اُها اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي تون نٿو ڄاڻين، ۽ نہ جيڪي هو چون ٿا سو تون سمجهي ٿو سگهين. 16هنن جي تيرن جي بٿي هڪڙي کليل قبر آهي، هو سڀ زور وارا ماڻهو آهن. 17۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا. 18پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس. 19۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.
20اها ڳالهہ اوهين يعقوب جي گهراڻي ۾ پڌري ڪريو، ۽ يهوداہ ۾ اشتهار ڏيو، ۽ چئو تہ، 21اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو: 22خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن. 23پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا. 24نڪي هو پنهنجي دل ۾ چون ٿا اچو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄون، جو پوري موسم ۾ مينهن ڏئي ٿو؛ جهڙو اڳيون تهڙو پويون؛ جو انسان جي لاءِ فصل جا مقرر ڪيل هفتا قائم ٿو ڪري. 25اوهان جن بدڪارين اهي شيون ڦيرائي ڇڏيون آهن، ۽ اوهان جن گناهن اوهان کان چڱائي روڪي ڇڏي آهي. 26ڇالاءِ جو منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو ڏسجن ٿا: اُهي ماريءَ وانگي لڪيو ويٺا نهارين؛ هو دام وجهيو ماڻهو پيا ڦاسائين. 27جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن. 28هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن. 29خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟
30هڪڙو عجيب ۽ خوفناڪ ڪم ملڪ ۾ ٿي پيو آهي. 31نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟
Currently Selected:
يرمياہ 5: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.