يرمياہ 4
4
1خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛ 2۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.
3ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي پيل زمين کيڙيو ۽ ڪنڊن ۾ پوک نہ ڪريو. 4اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس. 5اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون. 6صيون ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو: پناهہ لاءِ ڀڄو، ترسو نہ: ڇالاءِ جو آءٌ خرابي ۽ تباهي اُتر جي پاسي کان آڻيندس. 7هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي. 8انهي ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، ۽ روئو پٽيو ۽ واويلا مچايو: ڇالاءِ جو خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان تان لهي نہ ويئي آهي. 9۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ بادشاهہ ۽ امير بي دل ٿيندا؛ ۽ ڪاهن حيران ٿيندا، ۽ نبي عجب ۾ پوندا. 10تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي. 11انهيءَ وقت انهي قوم کي، ۽ يروشلم کي چيو ويندو، تہ بيابان ۾ اُگهاڙين ٽڪرين تان منهنجي قوم جي ڌيءَ ڏانهن جهولو لڳندو، نہ واءُ هڻڻ يا صاف ڪرڻ جي لاءِ؛ 12پر هڪڙو سخت واءُ مون وٽان ايندو: هاڻي آءٌ انهن تي فتويٰ بہ ڏيندس. 13ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين! 14اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا. 15ڇالاءِ جو هڪڙو آواز دان مان پڌرائي ڪري ٿو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تان خرابيءَ جو اشتهار ڏئي ٿو. 16قومن کي خبر ڏيو، يروشلم جي برخلاف اها ڳالهہ پڌري ڪريو، تہ پرانهين ملڪ مان پهري وارا اچن ٿا ۽ يهوداہ جي شهرن جي برخلاف هل ڪن ٿا. 17ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي. 18تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي. 19منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي. 20شڪست تي شڪست جو هل پيو پوي؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ لٽجي ويو آهي: منهنجا تنبو اوچتو، ۽ منهنجا پردا هڪڙي پل ۾ لٽجي ويا آهن. 21ڪيستائين آءٌ اهو جهنڊو ڏسندس ۽ قرناءِ جو آواز ٻڌندس؟ 22ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.
23مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي. 24مون جبل ڏٺا ۽ اُهي پئي ڏڪيا، ۽ سڀ ٽڪريون هيڏي هوڏي پئي لڏيون. 25مون نهاريو پر ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، ۽ هوا جا سڀ پکي اُڏامي ڀڄي ويا هئا. 26مون نهاريو ۽ ڏٺم تہ آباد زمين بيابان ٿي ويئي ۽ ان جا سڀ شهر خداوند جي حضور مان ۽ سندس خوفناڪ ڪاوڙ جي اڳيان ڊهي ڪري پيا. 27ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس. 28زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس. 29سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي. 30۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن. 31ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.
Currently Selected:
يرمياہ 4: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.