YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 3

3
1چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ. 2اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي. 3تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو. 4هن وقت کان وٺي اڳتي تون پڪاري مون کي نہ چوندينءَ ڇا تہ اي منهنجا پيءُ تون منهنجي جوانيءَ جو رهبر آهين؟ 5هو پنهنجي ڪاوڙ هميشہ لاءِ رکيو ايندو ڇا؟ هو پڇاڙيءَ تائين اها رکيو ايندو ڇا؟ ڏس، تو ائين ڳالهايو آهي، ۽ تہ بہ بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلي آهين.
6يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس. 7۽ هوءَ اُهي سڀ ڪم ڪري چڪي تنهن کان پوءِ مون چيو تہ هوءَ موٽي مون ڏي ايندي؛ پر نہ موٽي: ۽ سندس دغاباز ڀيڻ يهوداہ اهو حال ڏٺو. 8۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي. 9۽ هيئن ٿيو تہ اُن جي زناڪاريءَ جي هلڪائيءَ ڪري زمين پليت ٿي، ۽ هن پٿرن ۽ بنڊن سان زنا ڪئي: 10۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي. 11۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ بي وفا اسرائيل، دغاباز يهوداہ کان پاڻ کي وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي. 12وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس. 13خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي. 14خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس. 15۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي مرضيءَ پٺيان اهڙا ڌنار ڏيندس جي اوهان کي علم ۽ سمجهہ سان چاريندا. 16۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين وڌندا ۽ اوهين ملڪ ۾ گهڻا ٿيندا، تڏهن خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ هو وري اڳتي ائين نہ چوندا تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق؛ نڪا اها ڳالهہ دل ۾ ايندي: نڪي انهي کي هو ياد ڪندا؛ نڪي هو انهي جي زيارت ڪندا؛ نڪي وري اڳتي ائين ڪرڻ ۾ ايندو. 17انهي وقت هو يروشلم کي خداوند جو تخت سڏيندا؛ ۽ سڀ قومون اُن وٽ خداوند جي نالي سان يروشلم ۾ گڏ ٿينديون: نڪي وري اڳتي هو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي پٺيان هلندا. 18انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي. 19پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا. 20تحقيق جيئن ڪا زال دغا ڪري پنهنجي مڙس وٽان هلي وڃي، تيئن اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان مون سان دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، خداوند ائين ٿو فرمائي. 21اُگهاڙين ٽڪرين تي هڪڙو آواز، بني اسرائيل جي روئڻ ۽ منٿ آزيءَ جو آواز، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڇالاءِ جو پنهنجي رستي ڏنگي ڪرڻ ڪري هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو آهي. 22اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين. 23سچ آهي تہ ٽڪر تان ۽ جبلن جي گور مان مدد جي اُميد رکڻ اجائي آهي: سچ پچ اسرائيل جو ڇوٽڪارو خداوند اسان جي خدا ۾ آهي. 24پر اها خواري جهڙي شيءِ اسان جي جوانيءَ کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو کائي وئي آهي؛ انهن جا ڌڻ ۽ گلا، انهن جا پٽ ۽ انهن جون ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي. 25اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.

Currently Selected:

يرمياہ 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in