YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 21

21
1اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ وٽ انهي وقت آيو جڏهن صدقياہ بادشاهہ هن ڏي فشحور بن ملڪياہ، ۽ صفنياہ بن مسعياہ ڪاهن جي هٿان چوائي موڪليو، تہ 2آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي.
3تڏهن يرمياہ هنن کي چيو، تہ اوهين صدقياہ کي چئجو تہ: 4خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس. 5۽ آءٌ پاڻ ڊگهيريل هٿ سان، ۽ مضبوط ٻانهن سان، بلڪ غصي ۾، ۽ جوش ۾، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اوهان سان وڙهندس. 6۽ آءٌ هن شهر جي رهاڪن کي، ماڻهن توڙي جانورن کي ماريندس: ۽ هو هڪڙي وڏي مرض ۾ گرفتار ٿي مرندا. 7۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس. 8۽ انهي قوم کي تون چئج تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي اڳيان حياتيءَ جو رستو ۽ موت جو رستو ٿو رکان. 9جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي. 10خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.
11۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي بابت اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: 12خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس. 13خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟ 14خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.

Currently Selected:

يرمياہ 21: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 21