يرمياہ 22
22
1خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر وڃ ۽ اُتي هي ڳالهہ ٻڌاءِ، 2۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو. 3خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو. 4ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ يقيناً دائود جي تخت تي ويهندڙ بادشاهہ هن گهر جي درن مان گاڏين ۽ گهوڙن تي چڙهي، هر هڪ پنهنجن نوڪرن ۽ ماڻهن سميت اندر لنگهي ايندو. 5پر جي اوهين اهي ڳالهيون نہ ٻڌندا، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ذات جو قسم ٿو کڻان تہ هي گهر ويران ٿي ويندو. 6ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر. 7۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا. 8۽ گهڻيون قومون هن شهر وٽان لنگهنديون ۽ انهن مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي چوندو تہ خداوند ڇو هن وڏي شهر جو ههڙو حال ڪيو آهي؟ 9تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.
10اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو. 11ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛ 12پر جنهن هنڌ هن کي قيد ڪري وٺي ويا آهن، اُتي مري ويندو، ۽ وري هي ملڪ نہ ڏسندو.
13ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛ 14جو چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادو گهر ۽ ويڪريون ڪوٺيون جوڙائيندس. ۽ جو پنهنجي لاءِ دريون ٺهرائي ٿو؛ ۽ انهي گهر تي ديودار جي ڪاٺ جي ڀت جوڙائي، ۽ انهي کي شنگرف سان چٽائي ٿو. 15تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو. 16هن غريب ۽ مسڪين جو معاملو فيصل ٿي ڪيو؛ تڏهن ان جو چڱو حال ٿي ٿيو. خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو مون کي سڃاڻڻ نہ هو ڇا؟ 17پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن. 18تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا. 19هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.
20لبنان تي چڙهي وڃ ۽ وڃي پڪار؛ ۽ بسن ۾ پنهنجو آواز بلند ڪر: ۽ عباريم مان دانهون ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجا سڀ عاشق ناس ٿي ويا آهن. 21تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين. 22واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين. 23اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو: 24خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛ 25۽ آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيان جي تنهنجي جان جي پٺيان آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون ڊڄين ٿو، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي ۽ ڪسدين جي هٿن ۾، 26آءٌ توکي، ۽ جنهن تنهنجي ماءُ توکي ڄڻيو، تنهن کي ٻئي ملڪ ۾ اُڇلائي ڇڏيندس، جتي تون نہ ڄائو هئين؛ ۽ اُتيئي تون مرندين. 27پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري. 28اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟ 29اي زمين، زمين، زمين، خداوند جو ڪلام ٻڌ، 30خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.
Currently Selected:
يرمياہ 22: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.