۽ انهي قوم کي تون چئج تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي اڳيان حياتيءَ جو رستو ۽ موت جو رستو ٿو رکان. جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.