يرمياہ 2
2
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين. 3اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي.
4اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ قبيلا، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: 5خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟ 6انهن نہ چيو تہ اهو خداوند ڪٿي آهي جنهن اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ جنهن بيابان مان، رڻ پٽن ۽ کڏن جي ملڪ مان، خشڪيءَ ۽ موت جي پاڇي جي ملڪ مان، اهڙي زمين جنهن مان ڪوبہ ڪونہ ٿي لنگهيو ۽ جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو، تنهن مان اسان کي سونهون ٿي وٺي هليو. 7۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ. 8ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا. 9تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ آءٌ اوهان سان، ۽ اوهان جي ٻارن جي ٻارن سان مقابلو ڪندس. 10ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي. 11ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. 12اي آسمان، خدا ٿو فرمائي تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري اوهين عجب ۾ پئو ۽ نهايت ڊپ وارا ٿيو، ۽ تمام پريشان ٿيو. 13ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن. 14اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟ 15جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي. 16بني نوف، ۽ بني تحفنيس تنهنجي مٿي جي چوٽي ڀڃي ڇڏي آهي. 17تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟ 18۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ 19خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي. 20ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي. 21انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟ 22هاڻي جي تون کڻي پاڻ کي ڪيترو بہ کار سان ڌوئين، ۽ گهڻو صابڻ ڪم آڻين، تہ بہ تنهنجي بدڪاري منهنجي اڳيان ظاهر آهي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي. 23تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛ 24۽ جهڙي بيابان جي هريل مادي گورخر جا پنهنجي مرضيءَ پٺيان هوا سنگهندي وتي؛ انهيءَ حالت ۾ ڪير هن کي ٻئي پاسي ڦيرائي ٿو سگهي؟ ان جا ڳوليندڙ ٿڪجي نہ پوندا؛ ان جي مهيني ۾ هو انهي کي لهندا. 25تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس. 26جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛ 27جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ. 28پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.
29ڇالاءِ اوهين مون سان حجت دليل ڪرڻ ٿا گهرو؟ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان سڀني منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي. 30بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي. 31اي هن پيڙهيءَ جا ماڻهو، اوهين خداوند جو ڪلام ڏسو. آءٌ اسرائيل جي لاءِ ڪو بيابان ٿيو آهيان ڇا؟ يا گهاٽي اونداهيءَ واري زمين آهيان ڇا؟ منهنجي قوم ڇو ٿي چوي تہ اسين ڇوڙي ڇڏيا ويا آهيون، اسين اڳتي وري تو وٽ نہ اينداسين؟ 32ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي. 33تون ڪيئن نہ پنهنجو رستو ٿي ٺاهين تہ يار ڳولين! تنهن ڪري ڪميڻين زالن کي بہ تو پنهنجا رستا سيکاريا آهن. 34بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي. 35انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي. 36تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ. 37انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.
Currently Selected:
يرمياہ 2: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.