YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 1

1
1يرمياہ بن خلقياہ جون ڳالهيون، جو عنتوتيءَ جي ڪاهنن منجهان ۽ بنيمين جي ملڪ ۾ هو، 2جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو. 3يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.
4هاڻي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 5پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي. 6تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان. 7پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين. 8هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان. 9تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن: 10ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.
11تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان. 12تڏهن خداوند مون کي چيو تہ تو چڱو ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪلام کي پوري ڪرڻ لاءِ اُن جي سنڀال ٿو ڪريان. 13۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان؛ ۽ انهي جو منهن اُتر کان آهي. 14تڏهن خداوند مون کي چيو تہ اُتر منجهان ملڪ جي سڀني رهاڪن تي خرابي ڪاهي پوندي. 15ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو. 16۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن. 17تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان. 18ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي. 19۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.

Currently Selected:

يرمياہ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in