يسعياہ 9
9
1پر جيڪا اڳي ڏک ۾ هئي تنهن لاءِ اونداهي نہ هوندي. اڳوڻي وقت ۾ هن زبولون جي زمين کي، ۽ نفتالي جي زمين کي حقارت جهڙو ڪيو هو، پر پوئين وقت ۾ هن انهيءَ کي سمنڊ جي رستي کان، يردن جي هن ڀر، يعني قومن جي گليل کي عزت وارو ڪيو آهي. 2جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي. 3تو قوم کي وڌايو آهي، ۽ انهن جي خوشي بہ زيادہ ڪئي اٿيئي: هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ٿا ڪن جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ماڻهو ڪندا آهن. 4ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي. 5ڇالاءِ جو جنگ ۾ هٿيارن ٻڌل ماڻهوءَ جا سڀ هٿيار ۽ رت ۾ ڀريل ڪپڙا، ساڙڻ جي لاءِ باهہ جي ڪاٺين جهڙا ٿيندا. 6ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو. 7انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.
8خداوند هڪڙو ڪلام يعقوب وٽ موڪليو، ۽ اهو اسرائيل تي نازل ٿيو آهي. 9۽ سڀ ماڻهو ڄاڻندا، يعني افرائيم ۽ سامريہ جا ماڻهو، جي مغروريءَ ۽ سخت دليءَ سان چون ٿا، تہ 10سرون ڪري پيون آهن، پر اسين ٽڪيل پٿرن سان اڏينداسين: گولر جا وڻ وڍجي ويا آهن پر اسين انهن کي بدلائي ديودار ڪنداسين. 11تنهن ڪري خداوند رضين جي دشمنن کي مٿي چاڙهي انهن جي برخلاف ڪندو، ۽ هن جي ويرين کي جوش ڏياريندو؛ 12ارامي اڳيان ۽ فلستي پٺيان؛ ۽ اهي وات پٽي اسرائيل کي ڳهي ويندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.
13انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي. 14تنهن ڪري خداوند هڪڙي ڏينهن ۾ اسرائيل جو مٿو ۽ پڇ، کجيءَ جي ٽاري ۽ ڪانو وڍي ڇڏيندو. 15تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي. 16ڇالاءِ جو جيڪي هن قوم جا سردار آهن سي ئي انهيءَ کي گمراهہ ڪن ٿا؛ ۽ جيڪي انهن جي پيروي ٿا ڪن؛ سي ناس ٿي وڃن ٿا. 17تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.
18ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا. 19لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي. 20۽ هڪڙو ماڻهو سڄي هٿ پاسي کسيندو ۽ بکيو رهندو: ۽ هو کٻي هٿ پاسي کائيندو ۽ پيٽ نہ ڀربس: انهن مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهن جو ماس کائيندو: 21منسي ۽ افرائيم؛ ۽ افرائيم ۽ منسي: ۽ اهي ٻئي گڏجي يهوداہ جي برخلاف ٿيندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.
Currently Selected:
يسعياہ 9: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.