يسعياہ 10
10
1افسوس آهي انهن تي جي بي انصافيءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا، ۽ انهن لکڻ وارن تي جي ڏنگائي لکن ٿا: 2انهيءَ لاءِ تہ محتاجن کي عدالت کان برطرف ڪن، ۽ منهنجي قوم جي غريبن جو حق کسي وڃن، ۽ بيوہ زالن کي هو ڦرين لٽين، ۽ يتيمن کي هو پنهنجو شڪار ڪن! 3پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟ 4هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.
5اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي، 6آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي. 7انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي. 8ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟ 9ڪلنو، ڪرڪميس جهڙو ناهي ڇا؟ حمات، ارفاد جهڙو ناهي ڇا؟ سامريہ، دمشق جهڙو ناهي ڇا؟ 10جيئن منهنجي هٿ انهن بتن جون بادشاهتون حاصل ڪيون، جن جون اُڪريل مورتون يروشلم ۽ سامريہ جي مورتن کان بهتر هيون، 11۽ جيئن مون سامريہ ۽ ان جي بتن سان ڪيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن سان نہ ڪريان ڇا؟
12تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس. 13ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ مون پنهنجي هٿ جي زور سان ۽ پنهنجي ڏاهپ سان ائين ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ سياڻو آهيان: ۽ مون قومن جون حدون پاسي ڪيون آهن، ۽ انهن جا خزانا ڦريا اٿم، ۽ جيڪي تختن تي ويٺا آهن، تن کي بهادر مرد وانگي هيٺ لاٿو اٿم: 14۽ منهنجي هٿ قومن جي دولت کي آکيري وانگي لڌو آهي؛ ۽ جيئن ڪو ڇڏي ڏنل آنا گڏ ڪري، تيئن مون ساري زمين گڏ ڪئي آهي: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو کنڀ چوري، يا وات پٽي، يا چون بہ ڪري. 15ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.
16تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو. 17۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو. 18۽ هو ان جي ٻيلي جو ۽ ان جي اُپت واري ٻنيءَ جو فخر، روح توڙي جسم، ٻئي فنا ڪري ڇڏيندو: ۽ انهيءَ جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو علم بردار ساڻو ٿي ڪري پوي. 19۽ ان جي ٻيلي جا باقي ٻيا وڻ ايترا ٿورا ٿيندا جو ڪو ٻار بہ اهي ڳڻي سگهي.
20۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو، ۽ يعقوب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هوندا، سي وري انهيءَ تي ٽيڪ نہ ڏيندا جنهن انهن کي ماريو هو؛ پر سچ پچ خداوند، اسرائيل جي پاڪ خدا تي ٽيڪ ڏيندا. 21باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا. 22ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي. 23ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خداوند، ساري زمين تي مقرر ڪيل بربادي آڻي پوري ڪندو.
24تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو. 25ڇالاءِ جو اڃا بہ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ پوري ٿيندي، ۽ هو ناس ڪيا ويندا. 26۽ لشڪرن جو خدا انهيءَ تي هڪڙو چهبڪ کڻندو، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي ڪوس وقت کنيو هئائين: ۽ هن جي لٺ سمنڊ جي مٿان هوندي، ۽ هو اها ائين کڻندو جيئن مصر ۾ کنئي هئائين. 27۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هن جو بار سندس ڪلهي تي لهي پوندو، ۽ منهنجي پاڃاري سندس ڳچيءَ تان، ۽ اُها پاڃاري مسح ڪرڻ سبب ناس ڪئي ويندي.
28هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو: 29هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي. 30اي جليم جي ڌيءَ، وڏي آواز سان دانهن ڪر! اي غريب عنتوت پنهنجو آواز ليس کي ٻڌاءِ! 31مدمينہ ڀڳو وتي: جيبيم جا رهاڪو ڀڄڻ لاءِ پيا گڏ ٿين. 32اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.
33ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند، سخت ڪاوڙ سان ٽاريون وڍيندو: ۽ وڏي قد واريون وڍجي هيٺ ڪرنديون، ۽ مٿانهيون هيٺ آنديون وينديون. 34۽ هو ٻيلي جا گهاٽ لوهہ سان وڍيندو، ۽ لبنان کي هڪڙو زبردست ماڻهو ڪيرائي وجهندو.
Currently Selected:
يسعياہ 10: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.