YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 8

8
1۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ: 2۽ آءٌ پنهنجي لاءِ شاهدي وجهڻ واسطي ٻہ سچا شاهد، اورياہ ڪاهن ۽ ذڪرياہ بن يبرڪياہ وٺندس. 3پوءِ آءٌ نبياڻيءَ وٽ ويس؛ ۽ اها پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي چيو تہ انهيءَ جو نالو مهير شالال حاش باز رک. 4ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.
5۽ خداوند وري بہ مون کي فرمايو ۽ چيائين تہ. 6شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛ 7تنهن ڪري هاڻي ڏس، خداوند انهن تي فرات نديءَ جو زور وارو پاڻي آڻي ٿو، يعني اسور جو بادشاهہ ۽ ان جو سارو جلال، ۽ اهو ان جي سڀني نهرن تي، ۽ ان جي سڀني ڪنڌين تي چڙهي ايندو: 8۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.
9اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا. 10گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي. 11خداوند مضبوط هٿ سان مون سان ڳالهايو، ۽ مون کي سمجهايائين تہ هن قوم جي رستي تي نہ هلان، ۽ فرمايائين تہ 12جن سڀني ڳالهين جي نسبت ۾ هيءَ قوم منصوبو ٿي چوي، تنهن کي اوهين منصوبو نہ چئو؛ ۽ نہ انهي جي ڊپ کان اوهين ڊڄو، نڪي انهن جو ڪو خوف ڪريو. 13اوهين رڳو لشڪرن جي خداوند کي پاڪ ڄاڻجو؛ ۽ انهيءَ کان ڊڄجو، ۽ انهيءَ جو خوف رکجو. 14۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو. 15۽ انهيءَ تي گهڻا ئي آٿڙندا، ۽ ڪرندا، ۽ ڀڄي پوندا، ۽ ڦاسي پوندا، ۽ گرفتار ٿيندا.
16تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي. 17۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس. 18ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.
19۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟ 20شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو. 21تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا: 22۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.

Currently Selected:

يسعياہ 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in