YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 7

7
1۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا. 2۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.
3تڏهن خداوند يسعياہ کي چيو تہ هاڻي تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي ميٽ جي کاڻ واري شاهي سڙڪ تي، مٿين ڍنڍ جي نهر جي پڇڙيءَ وٽ، آخز کي گڏجو؛ 4۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي. 5ڇالاءِ جو آرام، ۽ افرائيم، ۽ رملياہ جي پٽ، تنهنجي برخلاف خرابي سٽي آهي، ۽ چون ٿا تہ 6هلو تہ هلي يهوداہ تي ڪاهي انهن کي ستايون، ۽ انهي ۾ پنهنجي لاءِ ڀڃي رستو ڪريون، ۽ انهي منجهہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهاريون: 7پر خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اها رِٿ ڪين بيهندي، ۽ ائين ڪين ٿيندو. 8ڇالاءِ جو ارام جي گادي جو هنڌ دمشق آهي، ۽ دمشق جو سردار رضين آهي: ۽ پنجهٺ ورهين اندر افرائيم اهڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويندو جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندو: 9۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.
10پوءِ خداوند وري بہ آخز سان ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ 11خداوند پنهنجي خدا کان ڪو نشان گهر؛ اهو هيٺ پاتال ۾ يا مٿي آسمان ۾ گهر. 12پر آخز چيو تہ آءٌ ڪين گهرندس ۽ نہ آءٌ خداوند جي آزمائش ڪندس. 13۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟ 14تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي. 15جيسين ڪہ بدي ڇڏڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي هن کي خبر پوي تيسين هو مکڻ ۽ ماني کائيندو. 16ڇالاءِ جو انهي ٻار کي بدي ڇڏي ڏيڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي خبر پوي تنهن کان اڳي جنهن زمين جي ٻن بادشاهن کي تون ڌڪارين ٿو، سا ويران ٿيندي. 17خداوند توتي، ۽ تنهنجي قوم تي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي تي اهڙا ڏينهن آڻيندو جهڙا افرائيم جي يهوداہ مان نڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اسور جي بادشاهہ جا ڏينهن.
18۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ خداوند مصر جي ندين جي تمام مٿانهين ڀاڱي مان مکين کي، ۽ اسور جي زمين مان ماکيءَ جي مکين کي سينڍ وڄائي سڏيندو. 19۽ اهي سڀ اچي ويران وادين ۾، ۽ ٽڪرن جي چرن ۾ ۽ سڀني ڪنڊين تي، ۽ چراگاهن تي ويهنديون.
20انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.
21۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو هڪڙي جوان ڳئون، ۽ ٻہ رڍون پاليندو؛ 22۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي ڏنل کير جي گهڻائيءَ کان هو مکڻ کائيندا: ڇالاءِ جو جيڪو بہ انهي زمين منجهہ رهجي ويندو سو مکڻ ۽ ماکي کائيندو.
23۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جتي جتي هڪ هزار ڊاک جا وڻ هوندا هئا، جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هوندي هئي، اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا. 24هڪڙو تير ۽ ڪمان کڻي ايندو؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا. 25۽ سڀ ٽڪريون، جي چنجورن سان کوٽيون ويون آهن، انهن تي ڪانڊيرن ۽ ڪنڊن جي ڊپ کان تون ڪين ايندين، پر اهو هنڌ رڳو ڏاندن جي چرڻ ۽ رڍن جي لتاڙڻ جي لاءِ هوندو.

Currently Selected:

يسعياہ 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in