YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 63

63
1هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان. 2تنهنجي پوشاڪ ڇو ڳاڙهي آهي، ۽ تنهنجا ڪپڙا انهي ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن جو انگور جو حوض ۾ لتاڙيندو آهي؟ 3مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن. 4ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي. 5مون نهاريو، پر ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ مون کي عجيب لڳو تہ سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي: تنهن ڪري خود منهنجيءَ ٻانهن نجات آندي؛ ۽ منهنجيءَ ڪاوڙ مون کي غيرت ڏني. 6۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.
7آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس. 8ڇالاءِ جو هن چيو تہ يقيناً، هيءَ منهنجي اُمت آهي؛ اهي اهڙا ٻار آهن، جي دغا نہ ڪندا: تنهن ڪري هو انهن جو نجات ڏيندڙ ٿيو. 9هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو. 10پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو. 11پوءِ هن اڳين ڏينهن کي، ۽ موسيٰ ۽ پنهنجيءَ اُمت کي ياد ڪيو. هاڻي اهو ڪٿي آهي جنهن انهن کي سندس ڌڻ جي ڌنارن سان گڏ سمنڊ مان ڪڍي آندو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن پنهنجو پاڪ روح انهن ۾ وڌو؟ 12جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا. 13جو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو جيئن ڪو گهوڙو بيابان ۾ هلي، جنهن ڪري انهن کي ٿاٻو ئي نہ آيو؟ 14خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو جهڙو واديءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي: اهڙيءَ طرح تو پنهنجيءَ اُمت جي سونهپ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ تون پنهنجو نالو جلال وارو ڪرين. 15آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن. 16تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ. 17اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ. 18رڳو ٿوري وقت جي لاءِ تنهنجي پاڪ اُمت جو انهي تي قبضو رهيو: اسان جي دشمنن تنهنجي پاڪ مڪان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي. 19اسين انهن جهڙا ٿيا آهيون جن تي تو ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائي؛ ۽ جي تنهنجي نالي جا نٿا سڏجن.

Currently Selected:

يسعياہ 63: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in