يسعياہ 64
64
1جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو. 2جيئن باهہ سڪل ٻوڙن کي ساڙي ٿي، ۽ پاڻي باهہ تي ٽهڪي ٿو؛ تيئن تون پنهنجن دشمنن ۾ پنهنجو نالو مشهور ڪر، ۽ قومون تنهنجي حضور ۾ ڏڪن؛ 3جڏهن تو اهڙا خوفناڪ ڪم ڪيا جن جي اسان کي اميد ڪانہ هئي، يعني تون هيٺ لهي آئين تڏهن تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبڻ لڳا. 4ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري. 5جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟ 6اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين. 7ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي. 8پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون. 9اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون. 10تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي. 11اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن. 12اي خداوند، انهن ڳالهين هوندي بہ تون پاڻ کي روڪي ڇڏيندين ڇا؟ تون ماٺ ڪري اسان کي سخت مصيبت ۾ پيو وجهندين ڇا؟
Currently Selected:
يسعياہ 64: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.