يسعياہ 65
65
1جن مون کي نٿي گهريو سي منهنجي پڇا ٿا ڪن؛ جن مون کي نٿي ڳوليو، تن مون کي لڌو آهي: جا قوم منهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ نٿي آئي، تنهن کي مون چيو تہ مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن نهار. 2مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛ 3بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛ 4جا قبرن جي وچ ۾ ويهي ٿي، ۽ ڳجهين جاين ۾ راتيون ٿي گذاري؛ جا سوئر جو گوشت کائي ٿي، ۽ ڪراهت جهڙين شين جو تيوڻ سندس ٿانوَن ۾ آهي. 5جا چوي ٿي تہ پري ٿي بيهہ، منهنجي ويجهو نہ اچ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پاڪ آهيان: اهي منهنجي نڪ ۾ دونهين جهڙا، ۽ سڄو ڏينهن ٻرندڙ باهہ جهڙا آهن. 6ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس، 7خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس.
8خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان. 9۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا. 10منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي. 11پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛ 12آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو.
13تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا: 14ڏسو، منهنجا بندا دل جي خوشيءَ ڪري ڳالهائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واويلا مچائيندا. 15۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛ 16جنهن ڪري زمين تي جيڪو پاڻ لاءِ برڪت گهرندو، سو سچي خدا جي نالي پاڻ لاءِ برڪت گهرندو؛ ۽ جيڪو زمين تي قسم کڻندو، سو سچي خدا جي نالي قسم کڻندو؛ ڇالاءِ جو اڳوڻيون تڪليفون وسري ويون آهن. ۽ اهي منهنجين اکين کان لڪل آهن. 17ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ نوان آسمان ۽ نئين زمين پيدا ٿو ڪريان: ۽ اڳوڻيون شيون ياد نہ ڪيون وينديون، ۽ نہ دل تي اينديون. 18پر اوهين سرها ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ يروشلم کي خوشي، ۽ ان جي ماڻهن کي سرهائي بنائيندس. 19آءٌ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي اُمت جي ڪري سرهو ٿيندس: ۽ انهي ۾ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو. 20۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو. 21۽ اهي گهر اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ اهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا، ۽ انهن جو ميوو کائيندا، 22ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا. 23انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي آفت ايندي؛ ڇالاءِ جو اهي پنهنجي اولاد سميت خداوند جي مبارڪ ماڻهن جو نسل آهن. 24۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس. 25خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.
Currently Selected:
يسعياہ 65: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.