YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 50

50
1خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي. 2جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي. 3آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، ۽ انهن کي کٿي سان ڍڪيان ٿو.
4خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان. 5خداوند خدا منهنجو ڪن کوليو آهي تنهن ڪري آءٌ فسادي نہ ٿيس، نڪي پٺ تي موٽيس. 6مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو. 7ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي. 8جيڪو مون کي سچو ٿو ٺهرائي سو ويجهو آهي؛ ڪير مون سان وڙهندو؟ اچو تہ گڏ بيهون: ڪير منهنجو مخالف آهي؟ اهو منهنجي ويجهو اچي. 9ڏسو خداوند خدا منهنجي مدد ڪندو؛ ڪير مون کي ڏوهاري ٺهرائيندو؟ ڏس، اهي سڀ ڪپڙي وانگي پراڻا ٿي ويندا، اڏوهي انهن کي کائي ويندي.
10اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.
11ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.

Currently Selected:

يسعياہ 50: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in