YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 51

51
1اوهين جي سچائيءَ تي هلو ٿا، ۽ خداوند کي ڳوليو ٿا سي منهنجي ٻڌو: جنهن ٽڪريءَ مان اوهين ٽڪيا ويا، ۽ جنهن کڏ جي ٽُنگ مان اوهين کوٽيا ويا، انهن ڏانهن نهاريو. 2پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم. 3ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.
4اي منهنجي اُمت مون ڏانهن ڌيان ڏيو؛ اي منهنجي قوم مون ڏانهن ڪن ڏي: ڇالاءِ جو مون کان شريعت جاري ٿيندي، ۽ آءٌ پنهنجي عدالت قومن جي سوجهري لاءِ قائم ڪندس. 5منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا. 6اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.
7اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر. 8ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.
9اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو. 10تون اها ناهين ڇا جنهن سمنڊ کي، بلڪ وڏي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؟ جنهن ڇڏايلن جي پار لنگهڻ لاءِ سمنڊ جي تري کي رستو بنايو؟ 11اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.
12آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛ 13تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟ 14جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي. 15ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان جو هن جون لهرون گجگوڙ ٿيون ڪن: منهنجو نالو لشڪرن جو خداوند آهي. 16مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.
17اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي. 18جي پٽ هن ڄڻيا آهن تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو هن جي رهبري ڪري؛ نڪي جيڪي پٽ هن پاليا آهن تن مان ڪو اهڙو آهي جو هن جو هٿ وٺي. 19اهي ٻئي شيون توتي اچي پيون آهن، ڪير تنهنجي حال تي افسوس ڪندو؟ سڃ ۽ بربادي، ڏڪار ۽ ترار، ڪيئن آءٌ توکي دلاسو ڏيان؟ 20تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن. 21تنهن ڪري هاڻي اي ڏکويل، تون جا مست ٿي آهين، پر شراب سان نہ، هي ٻڌ: 22خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ. 23آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.

Currently Selected:

يسعياہ 51: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in