يسعياہ 49
49
1اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي. 2هن منهنجي وات کي تکي ترار وانگي ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي هٿ جي پاڇي ۾ لڪايو آهي؛ هن مون کي چمڪندڙ تير وانگي ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجيءَ بٿيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکيو اٿس. 3۽ هن مون کي چيو تہ تون منهنجو بندو آهين، اي اسرائيل تنهنجي ڪري منهنجو جلال ظاهر ٿيندو. 4پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي. 5هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.) 6هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين. 7جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي. 8خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ قبوليت جي وقت مون تنهنجي اونائي، ۽ نجات جي ڏينهن مون تنهنجي مدد ڪئي: آءٌ توکي سنڀاليندس، ۽ اُمت جي لاءِ توکي عهد ٺهرائيندس، تہ ملڪ کي بحال ڪرين، ۽ ويران ٿيل ميراث، وارثن کي وٺي ڏين؛ 9۽ جيڪي بند ۾ آهن تن کي چوين تہ نڪري اچو، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوين تہ پاڻ کي ظاهر ڪريو. اهي رستن تي کائيندا ۽ سڀني ويران ٽڪرين تي بہ انهن کي کاڌو ملندو. 10انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو. 11آءٌ پنهنجي سڀني جبلن تي رستو بنائيندس، ۽ منهنجون شاهي سڙڪون بحال ٿينديون. 12ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا. 13اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.
14پر صيون چيو تہ يهوواہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، خداوند مون کي وساري ڇڏيو آهي. 15زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس. 16ڏس، مون توکي پنهنجي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي؛ تنهنجي شهرِ پناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهي. 17تنهنجا ٻار تڪڙ ٿا ڪن؛ تنهنجا برباد ڪندڙ، ۽ جن توکي ويران ڪيو آهي، سي تو مان نڪري ويندا. 18پنهنجون اکيون کڻي چئني پاسي نهار، ۽ ڏس، اهي سڀ گڏ ٿي تو وٽ ٿا اچن. خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ تون ضرور انهن سڀني کي زيورن وانگي ڍڪيندين، ۽ ڪنوار وانگيان انهن سان پاڻ کي سينگاريندين. 19ڇالاءِ جو تنهنجون ويران ۽ سڃيون جايون، ۽ تنهنجو برباد ٿيل ملڪ، هاڻي رهاڪن جي گهڻائيءَ ڪري تنگ ٿيندو، ۽ جي توکي ڳهي ٿي ويا سي پري ٿي ويندا. 20تنهنجا ٻار جي توکان کسيا ويا هئا سي تنهنجي ڪنن ۾ چوندا تہ هيءَ جاءِ تنگ آهي، مون کي رهڻ لاءِ جاءِ ڏي. 21تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ ڪنهن مون لاءِ هنن کي ڄڻيو آهي؟ منهنجا ٻار مون کان کسيا ويا هئا، آءٌ تہ اڪيلي ۽ جلاوطن هيس، ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڀٽڪيس: ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏس، آءٌ تہ اڪيلي ڇڏيل هيس، هي سڀ ڪٿي هئا؟
22خداوند خدا هيئن فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ قومن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اُمتن تي پنهنجو جهنڊو اُڀو ڪندس: اهي تنهنجن پٽن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي ايندا، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي آڻيندا. 23۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا. 24زور وارن کان بہ شڪار کسيو ويندو ڇا؟ يا فتويٰ ڏنل قيدي ڇڏايا ويندا ڇا؟ 25پر خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ زور وارن جا قيدي بہ کسيا ويندا، ۽ زبردستن جو شڪار بہ ڇڏايو ويندو: ڇالاءِ تہ جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس، ۽ آءٌ تنهنجن ٻارن کي بچائيندس. 26۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.
Currently Selected:
يسعياہ 49: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.